نيب کي شاهد خاقان عباسي خلاف ننڍو ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ 6 آگسٽ جي ڊيڊ لائن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  نيب اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين ون جو ننڍو ريفرنس داخل ڪرڻ جي لاءِ احتساب عدالت وڌيڪ چار هفتن جو وقت گهري ورتو جنهن تي عدالت نيب کي 6 آگسٽ تائين جي آخري تاريخ ڏئي ڇڏي.

اسلام آباد ۾ جي احتساب عدالت جي جج اعظم خان ايل اين جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران ڪورونا وائرس مان صحتيابي کان پوءِ اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ايل اين جي ڪيس ۾ ڪجهه نئون ريڪارڊ مليو آهي جنهن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. نيب پراسيڪيوٽر عثمان مرزا عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ننڍو ريفرنس تياري جي آخري مرحلي ۾ آهي، ريفرنس مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ 3 کان 4 هفتا گهربل آهن.

احتساب عدالت جي جج چيو ته جڏهن ننڍو ريفرنس ايندو تڏهن ئي فرد جرم لاڳو ٿي سگهندو.

شاهد خاقان عباسي جي وڪيل چيو ته 2 سالن تائين نيب مختلف سوال اسان کي ڏيندو رهيو، ساڍا 6 مهينا جيل ۾ رهڻ جي باوجود نيب ريفرنس داخل ناهي ڪري سگهيو، اسان سان اهڙو تماشو نه ڪيو وڃي.

 هن عدالت کان اپيل ڪئي ته نيب جيستائين ننڍو ريفرنس داخل نٿو ڪري تيستائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

احتساب عدالت نيب کي شاهد خاقان عباسي جي خلاف جاچ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي 6 آگسٽ تائين ننڍو ريفرنس داخل ڪرڻ حتمي مهلت ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.