بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ ڪورونا وائرس بابت اهم اعتراف ڪري ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيلن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پي ٽي آءِ  جي ايف بي آر ۾ ناڪامي جي ڪري سنڌ کي 229 ارب رپيا جڏهن ته پنجاب کي 483  ارب رپين جو نقصان ٿيو، سنڌ روينيو بورڊ هن سال 105 ارب رپين کان وڌيڪ جو روينيو گڏ ڪيو، معيشت جي سست رفتار ۽ ڪورونا وارئس جي باوجود سنڌ جي روينيو ۾ پنج سيڪڙو کان وڌيڪ جي واڌ ٿي.

بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيل مريضن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي، ملڪ جي هڪ لک صحتياب مريضن ۾ سنڌ جو تناسب 46 سيڪڙو آهي، صوبي ۾ 46 هزار 824 ماڻهن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.