”سنڌ افغانين جي ڪري منشيات، هٿيار ۽ بدامني پئي ڀوڳي، وسيلن تي قبضو نه ڪرڻ ڏبو“

گهوٽڪي(ويب ڊيسڪ) پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته افغاني رڳو وسيلن تي ئي قابض ناهن  پر هنن جي ڪري ئي سنڌ  هيروئن، غير قانوني ھٿيارن  ۽ بدامني کي ڀوڳي پئي، تنهن ڪري بنا دير کين پنهنجي وطن اماڻيو وڃي ڇوته سنڌ اِهو بار مستقل طور نٿي کڻي سگهي.

اهڙن خيالن جو اظھار هن خانڳڙھ ۾ مختلف سياسي سماجي وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو.

سردار محمد بخش خان مهر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پي ٽي آءِ سرڪار هر رنگ ڍنگ، قول ۽ فعل، عمل ۽ اعلان ۾ مڪمل تڪراري ۽ فيل ٿي چڪي آھي تنهن ڪري هن وزير اعظم جي گهر موڪلڻ کان سواءِ ملڪ جي عوام جي ڀلائي ناممڪن آھي.

پ پ ايم اين اي جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پي ٽي آءِ نوجوانن کي ڪروڙين نوڪريون ڏيڻ جا نغارا وڄايا پر بدقسمتي اها آھي ته وفاقي سرڪار نيون نوڪريون ته پيدا ڪون ڪيون پر خالي پيل آساميون به ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي جيڪا ملڪ جي نوجوانن جي محنتن جي توهين آھي.

ٻئي پاسي  رانوتي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ شھيد ۽ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن ۽ سک ياترين جي ڪوسٽر سان پيش آيل حادثي جي فوتين تي ڏک جو اظھار ڪندي حادثي جي اڻڌري جانچ ۽ فوتين لاء وفاقي سرڪار کان سندن وارثن لاء مالي سهائتا جو مطالبو پڻ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.