قاضي فائز عيسيٰ کي ڌمڪين جو ڪيس، مولوي افتخار جي معافي رد، توهين عدالت نوٽيس جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڌمڪي جي ويڊيو ڪيس ۾ مولوي افتخار الدين مرزا جي معافي رد ڪندي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ اٽارني جنرل ۽ افتخار الدين جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.

ان موقعي تي افتخار الدين جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته آغا افتخار الدين غير مشروط معافي نامو جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ايف آءِ اي جي رپورٽ فائنل ٿي چڪي، معافي نامو اسان سامهون ناهي، جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا، ڇا اهڙا لفظ استعمال ڪري سگهبا هئا؟ اهڙي ڪيس ۾ معافي نامو ڪيئن ڏيون.

جسٽس اعجاز چيو ته اٽارني جنرل موجب اهو فوجداري ۽ دهشتگردي جو ڏوهه ٺهي ٿو ۽ معافي نامو ڏيڻ جو فائدو نه ٿيندو.

ان دوران چيف جسٽس افتخار مرزا جي وڪيل کي چيو ته آغا افتخار کي 6 مهينن لاءِ جيل ٿا موڪلي ڇڏيون، توهان کي ان ڪيس جي نوعيت جو اندازو ناهي، توهان ڪيس کي تمام هلڪو وٺي رهيا آهيو.

افتخار الدين مرزا جي وڪيل چيو ته منهنجو اصيل دل جو مريض آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان ڇا ڪيون، کيس پنهنجي زبان قابو ۾ رکڻ گهربي هئي، هن ڪيس ۾ ڪا رحم جي ڳالهه ناهي.

اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته افتخار الدين غير ارادي طور نه پر سوچي سمجهي بيان جاري ڪيو ۽ ججن جو نالو کڻي توهين ڪئي وئي.

جسٽس اعجاز ريمارڪس ڏنا ته افتخار الدين مرزا جي ويڊيو ڪنهن ٻار جي ٺهيل ناهي، ان جو پنهنجو ويڊيو چئنل آهي، ان مان پئسا ڪمائيندو آهي، اهڙي ٻولي ته گهٽين ۾ به استعمال ناهي ٿيندي.

پوءِ عدالت افتخار الدين جي وڪيل طرفان پيش ڪيل معافي نامو قبولڻ کان انڪار ڪندي مولوي افتخار کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.