ڏوڪري لڳ پر اسرار بيماري ۾ ورتل نوجوان لاڏاڻو ڪري ويو

ڏوڪري ( ت ر ) موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ پراسرار بيماري سبب معذور بڻيل ٽن ڀائرن غلام شبير انصاري، زبير احمد انصاري ۽ علي ڏنو انصاري معذوري سبب وڏي عرصي کان هلڻ گهمڻ ۽ ڳالهائڻ کان لاچار بڻيل هئا. جن مان هڪ ڄڻو معذور 27 سالن جو غلام شبير انصاري اوچتو بيمار ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾  فوتي  ڀاءُ عجيب انصاري ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس معذور ڀاءُ جي اچتو طبعيت خراب ٿي جنهن لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪندي هو فوت ٿي ويو. هن چيو ته سندس فوتي ڀاءُ کي  ساهه ۾ تڪليف ٿي پئي  هئي. هن چيو ته ڪجه وقت سندس 3 معذور ڀائرن جي پراسرار بيماري ۾ مبتلا معذورن جون ميڊيا ۾ خبرون اچڻ تي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي حڪم تي صحت کاتي جي هڪ ٽيم  ٻلهڙيجي جي معذورن ڀائرن کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي 3 ڏينهن تائين معذور ڀائرن جي دماغ جون ٽيسٽون به ڪيو ويون هيون. بعد ۾ ڊاڪٽرن ڪراچي ۾ سندن علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو هو. پر ان ڏس ۾ صحت کاتي طرفان مدد نه ٿيڻ سبب معذور ٽيئي ڀائر ڳوٺ واپس موٽي آيا هئا. جنهن مان گذريل ڏينهن هڪ هڪ معذور نوجوان علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. معذور ڀائرن جي وارثن سنڌ حڪومت کان باقي معذور بڻيل نوجوانن زبير احمد ۽ علي ڏنو جو ڪراچي ۾ سرڪاري سطح تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.