پڊعين لڳ ڳوٺاڻن جو ڌمڪيون خلاف احتجاج

پڊعيدن ( ن ع آ ) پڊعيدن واسين عزيز الله ميتلو، علي گوهر ،مسمات حنيفا، راشد وقار، راجا ميتلي جو پنهنجي ئي برادري جي  گل بهار ميتلو، گل هند ميتلي ۽ ٽن اڻ ڄاتل ماڻھن جي خلاف پنهنجي گهر ۾ احتجاجي مظاھرو ان موقعي تي مسمات حنيفان، عزيزالله ميتلو مبينا الزام مڙھيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان پنهنجي گهر ويٺا هيا سين ته ڀريا سٽي لڳ ميوال ميتلو جا رهواسي اسان جا سوٽ اسان  جي گهر ۾ گهڙي اسان کي ڌڪ هڻي گهر مان پيل سامان وغيره کڻي ويا آھن ۽ اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي ويا آھن، هنن ايس ايس پي نوشهري کان انصاف جي گهر ڪئي،

ڪرپشن ملڪ جي معيشيت تباهه ڪري ڇڏي آهي: عبدالحميد سومرو

ميهڙ (ت ر) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري عبدالحميد سومري، سينئر نائب صدر حاجي خان مارفاڻي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آھي ته گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ جي آبپاشي  نظام ۾ سياسي مداخلت  ۽ ڪرپٽ  آفيسرن  جي ڪرپشن  جي ڪري ملڪ جي معيشيت  جي ھڪ مظبوط  ٿنڀي زراعت  کي ھٿ سان تباهه ڪري ملڪي معيشيت  کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي . جنهن جي ڪري ملڪ جو شاھوڪار طبقو آبادگار پريشان ۽ مالي خسارن ۾ مبتلا آهي. ضلعي واھن ۽ شاخن جن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪي کاٽيون ڪرايون ويون آهن ته اھي به سياسي بنيادن تي ڪرائي من پسند ماڻهن کي خوش ڪيو ويو آهي ۽ اڳ ۾ پاڻي ڇڏي پوءِ مشينون بيھاري ڦوٽو سيشن ڪري ھزارين ڪلاڪن جي ڪرپشن  ڪئي وئي آهي جنهن ۾ آبپاشي  عملدارن  سان گڏ ڪجهه بااثر  ماڻهو پڻ ملوث  آهن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي چيف جسٽس، پاڪستان چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيئرمين نيب، چيئرمين  اينٽي  ڪرپشن  کي آبپاشي  عملدارن جي ڪيل ڪرپشن  جو  نوٽيس  وٺڻ جي اپيل ڪري ٿي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.