لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو واسين جو بااثر خلاف مظاهرو

لاڙڪاڻو (ڊ ر) رتوديرو شهر جي قاضي پاڙي جي رهواسي زال مڙس طرفان پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي آسيه خاتون پنهنجي مڙس عباس علي سيال ۽ ٻارڙن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيو ته پاڙي ۾ رهندڙ مهراڻ ميراڻي ۽ سندس ڀاء شاهنواز ميراڻي اسان کان رهائش واري جڳهه سستي اگھه تي وڪرو ڪري ڏيڻ لاءِ چيو هيو، پر اسان کين انڪار ڪيو هيو، ڇاڪاڻ ته اسان جي جڳھه ٻه ماڙ ٺهيل آهي پنهنجي عورتن سان گڏجي هٿيار ساڻ ڪري اسان جي گهر مٿان ڪاھ ڪندي تشدد ڪري ڪرڻ بعد منهنجي مڙس کي گهلي روڊ تي کڻي ويا، هنن گهر خالي ڪرائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون، ايس ايس پي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.