”ڪرڪيٽ ۾ واپسيءَ جو تجربو سدائين خوشگوار هوندو آهي“

 

ووسٽر شائر (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين فواد عالم چيو آهي ته انگلينڊ خلاف سيريز دوران ميدانن ۾ شوقينن جي کوٽ محسوس ٿيندي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ انگلينڊ ويل فواد عالم صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ لاءِ کيڏڻ اعزاز آهي، ڪرڪيٽ ۾ واپسي سدائين خوشگوار تجربو هوندو آهي، ملڪ جي نمائندگي لاءِ ئي هر رانديگر ڪلب ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏندو آهي.

هن چيو خوشي جي ڳالهه آهي ته جن ليجنڊ رانديگرن کي ڏسي کيڏڻ جو شوق پيدا ٿيو، اڄ اهي ئي ڪوچنگ ڪري رهيا آهن، مصباح الحق ۽ يونس خان سان گڏ ته کيڏي به چڪو آهيان.

سندس چوڻ هو ته ميدانن ۾ شوقينن جي کوٽ محسوس ٿيندي، ڇو ته شوقينن سدائين ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪيو آهي، ٽريننگ ۽ ٻين مرحلن ۾ ايس او پيز جو خيال رکيو پيو وڃي، اميد ته دورو خوشگوار انداز ۾ پڄاڻي تي پهچندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.