جمهوريا چيڪ ڪورونا وائرس کي الوداع چئي ڇڏيو

 

پراگ (ويب ڊيسڪ) اوڀر يورپي ملڪ جمهوريا چيڪ ۾ هڪ غير معموي تقريب ۾ ڪورونا وائرس ۽ ان حوالي سان سماجي وٿيءَ جي هدايتن کي علامتي طور الوداع ڪيو ويو.

اهڙي تقريب ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، عوام پراگ جي تاريخي چارلس برج تي هڪ 5 سئو ميٽر ڊگهي ميز تي گڏ ٿيو.

ان موقعي تي حفاظتي هدايتن کي نظرانداز ڪندي ماڻهن ۾ کاڌي پيتي جون شيون ورهايون ويون.

واضح رهي ته جمهوريا چيڪ جي آبادي هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، اتي هيل تائين ڪورونا جا 12 هزار ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته ساڍا 3 سئو فوتگيون ٿي چڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.