فواد چوڌري پرويز الاهي کي نريندر موديءَ سان ڀيٽي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي اسلام آباد ۾ مندر بابت بيان تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

واضح رهي ته اسلام آباد جي سيڪٽر ايڇ نائن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ مندر جي اڏاوت لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي، جنهن جي زمين گذريل حڪومتي دور ۾ الاٽ ڪئي وئي هئي.

ان حوالي سان ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي هڪ ويڊيو بيان ۾ مندر جي اڏاوت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ مندر جي اڏاوت مديني جي رياست جي توهين ۽ اسلام جي روح خلاف آهي.

چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته اسان اقليتن جي حقن سان گڏ آهيون، اڳ ۾ موجود مندرن جي مرمت ڪئي وڃي.

هڪ ٽوئيٽ ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي بيان تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو آهي ته کيس چوڌري پرويز الاهي جي ان ”قدامت پسند“ سوچ تي سخت حيرت ٿي آهي.

فواد چوڌري طنز ڪندي لکيو ته ”خدا جو شڪر آهي آمريڪي ۽ يورپي اڳواڻ مودي ۽ پرويز الاهي جهڙن وانگر ناهن سوچيندا ۽ مسلمانن کي مسجدن ۽ عبادتن جي اجازت ڏيندا آهن“.

سندس چوڻ هو ته پرويز الاهي ۽ ان جهڙي سوچ کندڙن کي ”ميثاق مدينه“ جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي، برداشت اسلام جو بنيادي اصول آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.