نيب چيئرمين ويڊيو اسڪينڊل جي مرڪزي ڪردار طيبه گل جي گاڏي تي فائرنگ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جي ليڪ ٿيل ويڊيو واري معاملي جي مرڪزي ڪردار طيبه گل جي ڪار تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.

طبيه گل جي ڪار تي فائرنگ ضلعي جهنگ ۾ ڪئي وئي پر گاڏي ۾ موجود ٽئي ٻار محفوظ رهيا.

طيبه گل جي مڙس فاروق نول ٻڌايو ته جنهن گاڏي تي حملو ڪيو ويو اُها منهنجي ۽ گهرواري جي استعمال هيٺ رهندي آهي، اصل ٽارگيٽ آئون ۽ منهنجي گهرواري طيبه گل هئي.

سيٽلائٽ ٽائون جهنگ ٿاڻي ۾ واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي. خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته سهيل فاروق، عون فاروق ۽ جواد فاروق تي حملو ڪيو ويو.

سهيل فاروق ٿاڻي ۾ ڏنل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته گاڏي کي گن پوائنٽ تي روڪيو ويو، نه بيهڻ تي فائرنگ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.