يورپي ملڪن لاءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن جي اڏامن تي پابندي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) يورپي يونين ايئر سيفٽي ايجنسي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جو يورپي ملڪن جي هوائي آپريشن وارو اجازت نامو 6 مهينن جي لاءِ عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو.

پي آءِ اي جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته اِها پابندي پهرين جولاءِ 2020 جي رات کان ٿيندو.

پي آءِ اي جي بيان موجب ان فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪري سگهجي ٿي.

قومي ايئر لائن جو چوڻ آهي ته يورپي يونين ايئر سيفٽي ايجنسي جي ان فيصلي جي نتيجي ۾ پي آءِ اي يورپ جون سموريون اڏامون عارضي مدي لاءِ رد ڪري ڇڏيون آهن.

بيان ۾ چيو ويو جن مسافرن وٽ پي آءِ جي بڪنگ آهي انهن وٽ اختيار هوندو ته هو بڪنگ اڳتي ڪرائن يا رقم واپس وٺن.

ترجمان جو چوڻ هو ته پي آءِ اي يورپي يونين جي هوائي سيفٽي جي اداري سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ انهن جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ سڌارن وارا بندوبست ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته ان فيصلي جي خلاف اپيل به داخل ڪئي پئي وڃي ۽ اميد آهي ته اِها معطلي جلد ختم ٿيندي ۽ اڏامون بحال ٿي سگهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.