مون کي سازش تحت ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي: ڄام فتاح سميجو

عوامي آواز رپورٽ
مون کي سازش تحت ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي: ڄام فتاح سميجو
عوامي آواز رپورٽ مون کي سازش تحت ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي: ڄام فتاح سميجو

ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمن ڄام فتاح سميجو ڀرچونڊي پير ميان عبدالمنان سان گڏ سندس رھائش گاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو فتاح ٽائون فيز ٽي، چار ۽ پنج جي ڪجھ زمين جي حصي جي مالڪي جو ڪيس عدالتن ۾ ھلندڙ آھي. جنھن ۾ پنجاب واسي چوڌري ابوذر انهن  جو مخالف آھي. ھن چيو ته ميان شفيق ابوذر وارن کي استعمال ڪيو ۽ پاڻ اسان کان 3 ڪروڙ رپيا ڀتو گھريو. جيڪو نه ڏنو جنھن تي ھن پاڻ شھر ۾ پاڪستان خلاف چاڪنگ ڪرائي الزام هن مٿان ھنيو، جيئن سگھارا ادارا تحرڪ ۾ اچي سندس خلاف وڏي ڪاروائي ڪن. ھن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي سائين جي ايم سيد جي زندگي ۾ پاڪستان جي وجود جي حمايت ۽ خوشحال سنڌ جي ڳالھ ڪئي ھئي، ان ڪري هو  پاڪستان مخالف ناهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.