عدالت سنٿيا رچي کي رحمان ملڪ خلاف بيان بازي کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عدالت آمريڪي بلاگر سنٿيا رچي کي اڳوڻي گهرو وزير ۽ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ خلاف بيان بازي کان روڪي ڇڏيو.

اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج عطا رباني اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ طرفان آمريڪي بلاگر سنٿيا رچي جي خلاف 50 ارب رپيا هرجاڻي واري دعويٰ جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت سنٿيا رچي کي رحمان ملڪ خلاف بيان بازي کان روڪيندي چيو ته هو ايندڙ ٻڌڻي تائين رحمان ملڪ جي خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ وارو ڪو به مواد شايع نه ڪري.

آمريڪي عورت سنٿيا رچي کي رحمان طرفان داخل 50 ارب رپين جي هرجاڻي واري دعويٰ ۾ 13 جولاءِ تي عدالت به طلب ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.