راجا پرويز اشرف پيران غائب رينٽل پاور ريفرنس مان به آزاد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڻي ۽ بجلي واري اڳوڻي وفاقي وزير راجا پرويز اشرف سميت 8 جوابدارن کي پيران غائب رينٽل پاور ريفرنس ۾ آزاد ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير پيران غائب رينٽل پاور ريفرنس ۾ بريت جي درخوات تي فيصلو ٻڌائيندي راجا پرويز اشرف ۽ شوڪت ترين سميت 8 جوابدارن جون آزادي واريون درخواستون منظور ڪيون.

پيران غائب ريفرنس نيب راولپنڊي طرفان 2014 ۾ داخل ڪيو ويو هو، راجا پرويز اشرف تي پاڻي ۽ بجلي واري وزير طور ڪرپشن ۽ اختيارن جي غلط استعمال جو الزام هو.

192 ميگا واٽ جو رينٽل پاور پلانٽ ملتان جي علائقي پيران غائب ۾ هنيو ويو هو.

آزاد ٿيلن ۾ راجا پرويز اشرف، اسماعيل قريشي، شاهد رفيع، شوڪت ترين، طاهر بشارت چيمه، محمد سليم عارف، چوڌري عبدالقدير ۽ اقبال علي شاهه شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.