يوٽيلٽي اسٽورز مهانگي کنڊ خريدي ناڻي کي 50 ڪروڙ رپين جو نقصان ڏنو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) يوٽيلٽي اسٽورز شگر ملن طرفان آڇ جي باوجود 70 رپيا ڪلو کنڊ خريدڻ بدران مهانگي کنڊ خريد ڪئي.

رپورٽ موجب يوٽيلٽي اسٽورز گڏيل طور تي 78 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ 78 رپيا 33 پيسا في ڪلو جي حساب سان خريد ڪئي آهي ۽ شگر ملن طرفان 70 رپيا في ڪلو کنڊ جي آڇ تي به کنڊ نه خريدي وئي.

شگر ڪميشن رپورٽ ۾ حڪومت موجب کنڊ جو ايڪس ملز ريٽ 71 رپيا 97 پيسا في ڪلو آهي.

ان حوالي سان يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميا جو چوڻ آهي ته شگر ملز 25 جون جي ڊيڊ لائن ڏني جنهن تي ٽينڊرز جي زريعي کنڊ خريدڻ ممڪن نه هو ان ڪري يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ جي کوٽ جي ڪري پهرين کان کوليل ٽينڊرز تي کنڊ خريد ڪئي وئي.

ذريعن موجب مهانگي کنڊ جي خريداري سان حڪومت کي 50 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.