آفيس ۾ ماسڪ نه پائڻ تي سرڪاري آفيسر جو معذور عورت تي سخت تشدد

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ معذور ساٿي عورت طرفان آفيس ۾ ماسڪ نه پائڻ جي ڊپٽي مينيجر کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب اِهو واقعو آنڌرا پرديش ۾ پيش آيو جتي سياحت کاتي جي آفيس ۾ سرڪاري آفيسر عورت ملازم کي وارن مان پڪڙي بيدردي سان گهليو ۽ لوهه جي راڊ سان مٿس تشدد ڪيو، واقعي جي سي سي ٽي وي ويڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي وئي.

ڀارتي ميڊيا جو ٻڌائڻ آهي ته حڪومت ڪورونا وائرس جي ڪري آفيسن ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏنو آهي ۽ سياحت کاتي جي آفيس ۾ معذور عورت پنهنجي ڊپٽي مينيجر کي ماسڪ پائڻ جو چيو جنهن تي هو ڪاوڙجي پيو ۽ عورت تي سخت تشدد ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.