اسٽاڪ ايڪسچينج حملو: وڏي وزير جو شهيد سب انسپيڪٽر لاءِ 1 ڪروڙ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل سب انسپيڪٽر جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ۽ هن جي پٽ کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انساني سر جي ڪا به قيمت ناهي، اِهو ڪو احسان ناهي پر شهيد جي خدمتن جي عيوض سڄي قوم طرفان هڪ ڀيٽا آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان سمورن پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن سميت رينجرز جي اهلڪارن کي به ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.

ان کان سواءِ مراد علي شاهه ٻڌايو ته شهيد ٿيل 3 گارڊن لاءِ 50-50 لک رپيا ڪابينا مان منظور ڪرائينداسين.

هن چيو ته ڄاڻايل واقعو خاص ڌيان تي ٻڌل آهي ۽ ان ڪري شهيدن سميت ٻين ماڻهن جي معاوضي لاءِ خاص سمري تيار ڪئي ويندي جنهن کي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ منظور ڪرايو ويندو.

هن چيو ته اميد آهي ته غير سرڪاري گارڊن جي لاءِ انهن جا لاڳاپيل ادارا خيال رکندا.

سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته شهيدن جي ٻارن کي نوڪريون به ڏنيون وينديون.

ان کان سواءِ سندس چوڻ هو ته زخمي ٿيل سپاهين کي 10-10 لک رپيا ڏنا ويندا.

وڏي وزير ٻڌايو ته 7 پوليس اهلڪارن جي لاءِ 5-5 لک رپيا جڏهن ته 15 آر آر ايف جي جوان ۽ رينجرز جي اهلڪارن لاءِ 1-1 لک رپيا ڏنا ويندا.

ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ۽ نومبر 2018ع ۾ ڪراچي ۾ چين جي قونصل خاني تي ٿيل حملي ۾ هڪ جهڙائي آهي، جنهن کي پوليس ناڪام بڻايو هو.

هن خدشو ظاهر ڪيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج، فنانشنل ڊسٽرڪٽ، اسٽيٽ بينڪ سميت ٻين اهم ادارن تي دهشتگرد ضرور حملو ڪري سگهن ٿا ان ڪري هو پنهنجي سيڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏين.

سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان کي افسوس آهي ته مالي وسيلن جي گهٽتائي جي ڪري گذريل ٻن سالن دوران پوليس جي وسعت کي ان ريت ناهي وڌايو ويو جهڙي ريت وڌائڻ گهرجي ها.

هن چيو ته ٽي سال اڳ پوليس جي وسعت کي غير معمولي وڌايو ويو، انهن کي موثر هٿيار ۽ گاڏيون فراهم ڪيون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.