ڪرونا وائرس، تعليم جو ڇا ٿيندو!

امتياز چانڊيو

جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي، ان وقت کان وٺي ٻڌندا پيا اچون ته سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي، سنڌ جا هزارين اسڪول بند پيا آهن، شهرن ۾ وري به ڪا مالڪي آهي، پر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مالڪي نه هجڻ ڪري تعليمي نظام صفا تباهه حال آهي. ها واقعي ماضيءَ جي حڪمرانن ته تعليم کاتي سان وڏي جٺ ڪئي، ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي نوڪرين جي ڪوٽا ملندي هئي، جنهن ۾ ميرٽ جون ڌڄون اڏايون ويون، نوڪرين جا آرڊر سياسي بنيادن تي پيا ورهائبا هئا، جيڪي ماڻهو گهرن کان پري رهي پئي سگهيا، انهن جي اڪثريت پوليس، واپڊا ۽ سئي گيس کاتي، جن کي گهرن ۾ ئي رهڻو هو، تن پئي ماستري جا آرڊر ورتا، تعليم کاتي ۾ اهڙا به ماستر ڀرتي ٿيندي ڏٺا، جن کي سچ ته پنهنجو نالو ئي لکڻ نه ايندو هو، ڪنهن ڀوتار جو ماڻهو هجڻ ڪري مجال جو ڪير کانئس ڪجهه پڇي، اهي ماستر سڄو ڏينهن هيڊ ماستر جي آفيس ۾ ويهي چانهن جون چسڪيون هڻي علائقي جا حال احوال ڪري مڙئي پيا وقت پاس ڪندا هئا، ڪيترن ئي علائقن جي وڏيرن کي اسڪولن جون بلڊنگون تحفي طور ڏنيون وينديون هيون، جيڪي وڏيرن جي مال جي وٿاڻن، اوطاقن ۽ ڀانڊن ۾ تبديل ٿي وينديون هيون. نتيجي ۾ جهڙو حشر تعليمي ادارن ۽ شاگردن سان ٿيو، ان جو نتيجو ته سڀني جي سامهون آهي.

مون کي ياد آهي ته 1995 واري دور ۾ ماستري جا آرڊر اين ايم اي ۽ ايم پي اي حوالي ڪيا ويا، جن تڪ جي زميندار جي حوالي آرڊر ڪري کين کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي ته هو جنهن کي به وڃي آرڊر ڏين اهو ماڻهو ماستر ٿي اسڪول پهچي ويندو، افسوس سان ٿيو به اهو زميندار وري پنهنجي ڪمدارن ۽ ڪاراون جي مائٽن ۽ اولاد کي ماستري جا آرڊر ڏئي اسڪولن ۾ ويهاري ڇڏيو، انهن ۾ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي، جيڪي ماستر ته ٿي ويا، پر انهن کي پاڻ کي پڙهڻ جي ضرورت هئي، اهي ماستر پڙهائي بجاءِ شاگردن مٿان ڏنڊا وسائيندا هئا، خير جهڙي حالت تعليم کاتي سان ڪئي وئي، اهو ته تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي، پر هاڻي وري ڪرونا جي نالي تي جهڙي حالت سنڌ جي اڳ ۾ ئي پٺتي پيل تعليمي نظام سان ڪئي وئي آهي، ان ته تعليم جي تباهي ۽ بربادي جا سڀ ليڪائي لتاڙي ڇڏيا آهن، لڳ ڀڳ چئن مهينن کان وٺي ڪرونا جي خوف سبب سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر بند پيا آهن، جنهن ڪري شاگردن جي تعليمي کي سخت نقصان پهتو آهي.

گذريل سال سنڌ ۾ تعليمي نظام کي سڌارڻ جي جيتوڻيڪ ڪوشش ڪئي وئي، اڌ سال سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪري اسڪولن ۾ حاضري ۽ اسڪولن کي کولي رکڻ جي به ڪوشش ٿي، پر وڏين ڪوششن جي باوجود سرڪار سنڌ ۾ تعليمي نظام کي درست نه ڪري سگهي، اڪثر سرڪاري ماستر جي ڪلاسن ۾ غير حاضر رهي ۽ ڪافي کليل اسڪول به بند ٿيندا ويا، پرائيويٽ اسڪولن جو رجحان وڌي ويو ۽ تعليمي نظام کي به هتي ڪاروبار بنايو ويو، مختلف نالن سان وڏا وڏا نجي اسڪول کوليا ويا، ماڻهن جون پرائيويٽ اسڪول ۾ ٻار پڙهائڻ وارو لاڙو وڌي ويو، ڪارمورا شاهي ۽ سياسي ماڻهن جي ٻارڙن به پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخلائون ورتيون، جنهن ڪري سرڪاري اسڪولن کي سخت نقصان پهتو ۽ سرڪار پاران لڳايل تعليمي ايمرجنسي پنهنجا بهتر نتيجا نه ڏئي سگهي.

هاڻ ڳالهه ڪريون ٿا سرڪاري اسڪولن تي حاوي ٿيل پرائيويٽ اسڪولن جي ته انهن اهڙيون ته فيسون مقرر ڪيون، مهانگا ڪورس متعارف ڪرايا ۽ مهانگيون ڊريسون ۽ ٻيو سامان شاگردن لاءِ لازم قرار ڏنو، جنهن والدين کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، خير والدين پنهنجي ٻارڙن جي بهتر مستقل لاءِ اهو خرچ به برداشت ڪندا آيا، پر هاڻي ڪرونا سبب 4 مهينن کان اسڪول بند پيا آهن، ٻارڙا گهرن ۾ ويٺا آهن، جنهن جو سندن تعليم تي ڪيترو خراب اثر پوي ٿو، اهو ته پنهنجي جاءِ تي آهي، ٻارڙن جيڪو پڙهيو هو شايد گهر ۾ ويٺي هاڻ اهو به انهن کان وسري ويو هوندو، مٿان وري مسلسل لاڪ ڊائون سبب ماڻهن جا ڪاروبار ۽ روزگار سخت متاثر ٿيل آهن، اڪثر ماڻهو گهرن جي چلهه ٻارڻ لاءِ سخت پريشان آهن، حڪومتي سطح تي ايندڙ مختلف خبرن مان ائين لڳي رهيو آهي ته هلندڙ سال تائين ڪرونا جي خوف سبب اسڪول کولڻ جو ڪو آسرو ئي نٿو لڳي، پر ان دوران پرائيويٽ اسڪولن جي انتظاميا جو والدين مٿان اهو دٻاءَ وجهڻ ته هر مهيني پابندي سان فيس جي ادائگي اسڪول کي ڪئي وڃي، شاگرد ڀلي پڙهن يا نه پڙهن پر اسڪولن کان ڪورس خريد ڪرڻو آهي. مون کي ياد ٿو پوي ته جيئن ئي اسڪول بند ٿيا هئا ته تعليم واري وزير اعلان ڪيو هو ته پرائيويٽ اسڪول ڪنهن به شاگرد کان فل في وصول نه ڪندا، پر تعليم واري وزير جي ان حڪم کي پرائيويٽ اسڪولن جي انتظاميا هوا ۾ اڏاري والدين مٿان فيسون جمع ڪرائڻ لاءِ دٻاءَ وجهي رهي آهي، جنهن جو حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ اها به گذارش ڪبي ته سنڌ جي اڳ ۾ ٻڏل تعليم جي ٻيڙي کي غرق ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي وڃي، جيئن ڪاروبارن لاءِ ايس او پيز طئي ڪري انهن کي کوليو ويو آهي، اهڙي ئي نموني ڪلاس هلايا وڃن، جنهن سان ٻارڙن جي تعليم به تباهه نه هئي ۽ سندن صحت به ٺيڪ رهي. ڇو ته مون کي لڳي رهيو آهي ته حڪومت جيڪي آن لائين ڪلاس شروع ڪيا آهن، انهن جو به تجربو ڪي خاص نتيجا نه ڏئي سگهيو آهي، دنيا جي ترقي يافته ملڪن، جتي لوڊشيڊنگ ناهي، انٽرنيٽ جو نظام بهتر ۽ سستو هجي ٿو اتي ته آن لائين ڪلاس هلي سگهن ٿا، پر جيتوڻيڪ اسان وٽ 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي، انٽرنيٽ جي اسپيڊ جي مسئلي ڪري شاگرد آن لائين ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان رهجي وڃن ٿا، اتي ان طريقيڪار سان ڪو به فائدو نه ٿيندو.

سنڌ شاگرد اتحاد جي اڳواڻن انصاف ٻرڙو، سجاد انڙ، حفيظ عمراڻي ۽ وسعت الله تيوڻو جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ تباهه ٿيل تعليمي نظام ۽ لاڪ ڊائون دوران والدين کان فيون وصول ڪرڻ واري عمل خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ٽن ڏينهن واري بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي آهي، شاگردن جو موقف آهي ته ڪرونا وبا سبب شاگردن کان فيون وٺڻ سراسر ناجائزي آهي، ڇاڪاڻ ته شاگردن جو گهڻو تعداد غريب فيملين سان تعلق رکي ٿو، لاڪ ڊائون سبب ماڻهو معاشي بدحالي جو شڪار آهن، تنهن ڪري شاگرد فيون ڀري نٿا سگهن، منهنجي خيال ۾ واقعي به ماڻهن ڪرونا ۽ لاڪ ڊائون سبب معاشي طور تي سخت پريشان آهن، انهن ۾ ڳريون فيون ڀرڻ جي سگهه ناهي، ٿيندو به ائين آهي ته جتي ڪا قدرتي آفت ايندي آهي ته متاثر ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ پيڪيجز جو اعلان ڪيو ويندو آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن، اسان جي ملڪ ۾ به هن وقت ڪرونا جي صورت ۾ قدرتي آفت آيل آهي، جنهن سڄي ملڪ جي شعبن ۽ ماڻهن کي سخت پريشان ڪيو آهي، تنهن ڪري تعليم جهڙي اهم شعبي لاءِ ڪنهن خاص پيڪيج جو اعلان ڪري شاگردن کي فين جي مد ۾ رليف ڏياريو وڃي ته جيئن هو وڌيڪ پريشاني کان بچي سگهن ۽ ڪو اهڙو طريقيڪار ٺاهيو وڃي ته جيئن شاگردن جي تعليم وارو نظام وڌيڪ متاثر نه ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.