6 قومي ڪرڪيٽرن جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ ٻيون ڀيرو به ناڪاري اچي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ) ڪووڊ 19 ٽيسٽ ٻيهر ناڪاري اچڻ تي 6 قومي ڪرڪيٽر انگلينڊ ۾ پاڪستان اسڪواڊ کي جوائن ڪرڻ جي اهل ٿي ويا.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب محمد حفيظ، وهاب رياض، فخر زمان، محمد رضوان، شاداب خان ۽ محمد حسنين جي گذريل ٽن ڏينهن ۾ ڪووڊ 19 جون ٻه ٽيسٽون ناڪاري آيون آهن اهڙي طرح هاڻ هو وورسٽر شائر ۾ موجود قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي جوائن ڪرڻ جي اهل ٿي ويندو.

انهن ڪرڪيٽرن جي ري ٽيسٽنگ گذريل ڏينهن مقامي هوٽل ۾ ئي ٿي ۽ ان کان اڳ 26 جون تي ٿيل ٽيسٽنگ ۾ به انهن 6 ڪرڪيٽ جي ڪووڊ 19 ٽيسٽ ناڪاري آئي هئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هاڻ انهن 6 ڪرڪيٽرن جي انگلينڊ جي سفر جي بندوبستن جو آغاز ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.