پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جو ڪيس داخل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جو ڪيس دهشتگردي جي انت واري ٿاڻي ۾ سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي ڪيس ۾ دهشتگردي جي خاتمي، ايڪسلپوزو ايڪٽ ۽ قتل سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ڪيس اڻڄاتل دهشتگردن جي خلاف داخل ڪيو ويو جنهن ۾ جوابدار سان ملندڙ سب مشين گنز جا نمبر به لکيل آهن جڏهن ته ايف آءِ ار ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج مان قبضي ورتل ٻن موبائيل فونن جي به انٽري ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب قبضي ۾ ورتل موبائل فونز مان هڪ موبائيل فون اينڊرائڊ جڏهن ته هڪ سادي موبائيل هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.