”پي ايس ايڪس حملو پاڪستان خلاف رياستي دهشتگردي جو عڪس آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي پرڏيهي مدد سان ٿيل بزدلاڻو حملو پاڪستان مخالف رياستي دهشتگردي جو عڪس آهي.

پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگرد جي ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، حملي ۾ ملوث 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

ترجمان چيو ته پرڏيهي مدد سان بزدلاڻو حملو پاڪستان جي رياست  سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگردي جو عڪس آهي جيڪو انتهائي مذمت جوڳو آهي، پاڪستان دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ را جي ملوث هئڻ جا پڪا ثبوت پهرين ئي عالمي برادري کي ڏئي چڪا آهيون.

ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي پرڏيهي وزارت طرفان ڪراچي حملي تي بيان رڳو حقيقتن کان نظرون چورائڻ آهي، ڀارت پنهنجي رويي سان پاڪستان ۾ دهشتگردي واري حقيقت تبديل نٿو ڪري سگهي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا کي ڀارتي قيادت طرفان رياستي دهشتگرتدي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ وارين ڌڪين کان آگاهه ڪندو آيو آهي، عالمي برادري ڀارت طرفان پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردي ڪرائڻ جو نوٽيس وٺي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.