ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جو حريت ڪانفرنس کان ڌار ٿيڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني آل پارٽيز حريت ڪانفرنس کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سيد علي گيلاني پنهنجي فيصلي جي حوالي سان حريت ميمبرن کي هڪ تفصيلي خط جي ذريعي آگاهه ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته آئون ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان فورم کان مڪمل عليحدگي اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيان ٿو.

سيد علي گيلاني ڪنهن جو نالو کڻڻ کان سواءِ قائدين ۽ ميمبرن کي لکيو ته حراست هيٺ هئڻ جي باوجود توهان حضرات کي گهڻو ئي ڳوليو، پيغام جي ذريعي رابطا ڪرڻ جي مسلسل ڪوشش ڪئي پر ڪو به ڪوشش ڪم نه آئي ۽ توهان ڳولا جي باوجود نه مليا.

سيد علي گيلاني حريت ڪانفرنس کان عليحدگي جي سبب جا تفصيل ظاهر نه ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.