قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران  نويد قمر ۽ علي زيدي جون هڪ ٻئي تي اُلرون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر ۽ پي ٽي آءِ جي علي زيدي ۾ ڏند چڪ ٿي.

قومي اسميبلي ۾ اجلاس دوران حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ هنگامو ٿيو آهي ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي ۽ پيپلز پارٽي جو نويد قمر آمهون ساميهون اچي ويا.

 علي زيدي تقرير شروع ڪئي ته سپمينٽري گرانڊس جي ايجنڊا تي ڳالهيون ڪرڻ بدران پيپلز پارٽي جي قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو.

علي زيدي ايوان ۾ عذير بلوچ جي حوالي سان جي آءِ ٽي جي رپورٽ کڻي آيا هو ۽ هن هڪ هڪ فرد جو نالو کڻي ٻڌايو ته ان ۾ ڪير ڪير ملوث هو.

ان موقعي تي پيپلز پارٽي جا ڪجهه ميمبر ڪاوڙجي پيا پر نويد قمر انهن کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي تلقين ڪري رهيا هئا ۽ انهيءَ ڪري اسپيڪر هن کي چيو توهان ڳالهه ڪيو.

نويد قمر جو چوڻ هو ته اِهو رويو مناسب ناهي ۽ جيڪڏهن عبدالقادر پٽيل جو نالو ورتو آهي اُهو ئي ان جي وضاحت ڪندا ڪنداسين.

قومي اسيمبلي ۾ پورٽس اينڊ شپنگ جي وزير علي زيدي جي رويي جي مذمت ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نويد قمر چيو ته هي جيڪو منسٽر آف پورٽس اينڊ شپنگ جو رويو رهيو آهي ته ڇا هن هائوس جي عزت وڌائي رهيو آهي.

ان موقعي تي حڪومتي بيچن تي هنن جي ڳالهه ٻولهه دوران مداخلت ڪئي وئي ته نويد قمر چيو ته ٺيڪ آهي ڀاءِ، پوءِ وڙهون ٿا، آئون  به ڪوٽ لاهيان ٿو، ته اچو ته وڙهون ٿا.

ان موقعي تي مخالف ڌر ميمبر پنهنجي بينچن تي بيهي رهيا ۽ سخت احتجاج ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.