”ڪڏهن ناهي چيو ته ڪرسي مضبوط آ، اڄ آهي سڀاڻي ناهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۽ گارڊن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي ان ڳالهه تي ڪو به شڪ ناهي ته ڄاڻايل حملي ۾ ڀارت ملوث آهي.

 وزير اعظم عمران خان قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ۾ شهيد ٿيلن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

هتي اِها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته اسيمبلي ۾ وزير اعظم جي خطاب کان اڳ ٿيل هنگامي جي ڪري مخالف ڌر وزي اعظم جي خطاب جو مڪلم بائيڪاٽ ڪيو ۽ مخالف ڌر جون بينچون مڪمل طور خالي نظر آيون.

عمران خان چيو ته انهن ماڻهن قربانيون ڏئي ۽ اسان جي سيڪيورٽي فورسز مقابلو ڪري هڪ وڏي سانحي کان بچائي ورتو ڇو ته ڀارت پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اِهو منصوبو بڻايو هو.

وزير اعظم چيو ته اِهي دهشتگرد گهڻا هٿيار ساڻ ڪري آيا هئا، انهن جو مقصد هو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ وڃي هنن ک يرغمال بڻائن ۽ جيڪا هڪ ڀيرو ممبئي ۾ وڏي دهشتگردي ٿي وئي، بلڪل اهڙي رح جو پلان ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به اِهو ئي ڪن ها ۽ اهڙي رح بي ڏوهه ماڻهن کي قتل ڪندي عدم استحڪام وارو ماحول جوڙن ها.

سندس چوڻ هو ته اسان کي ڪو شڪ ناهي ته منصوبو ڀارت مان ٿيو آهي ۽ گذريل ٻن مهينن کان ڪابينا ۽ وزيرن کي ٻڌايل آهي ته اسان جون جيتريون به ايجنسيون آهن اُهي هاءِ الرٽ هيون، اسان گهٽ ۾ گهٽ دهشتگردي جون چار وڏيون ڪوششن کي اسان جي ايجنسي ناڪام بڻايو جنهن مان ٻن اسلام آباد جي ڀرسان هئا.

ان جي پوري تياري اسان ڪري رکي هئي پر آئون انهن شهيدن سان گڏوگڏ ڀرپور تياري رکڻ تي ڳجهين ايجنسين کي به ڀيٽا پيش ڪيان ٿو.

هن بجيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته آئون ڄاڻان ٿو ته اِها ڪيتري ڏکي بجيٽ هئي، اسان کي پنج هزار ارب رپيا گڏ ڪرڻا هئا جيڪي ڦيرڦار کان پوءِ 4 هزار 900 ارب تي اچي ويا، اِهو اسان جو ايف بي آر جو ٽارگيٽ هو. 17 سيڪڙو ڪليڪشن ٿي رهي هئي جيڪا چار پنج سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪليڪشن هئي.

هن چيو ته ڪووڊ آيو ته  سڄي دنيا جي معيشتن تي اهڙي قسم جا اثر مرتب ٿيا ته اسان کي سڌو سنئون نقصان اِهو ٿيو ته نظرثاني ٿيل هدف 4 هزار 900 ارب کان 3 هزار 900 ارب تي اچي ويو يعني هڪ هزار ارب رپين جي گهٽتائي ٿي.

سندس چوڻ هو ته اڃا ڪير به ڪورونا جي ڪري معيشت کي پهچندڙ نقصانن جو اندازو نٿو لڳائي سگهي ۽ آئون پنهنجي ٽيم جا ٿورا مڃيا ٿو ڇو ته اسان اُهو لاڪ ڊائون ناهي ڪيو جنهن جو اسان تي دٻاءُ وڌو پئي ويو.

وزير اعظم چيو ته اسان کي سنڌ مان خبر پئي ته اُتي ڪيترو زبردست لاڪ ڊائون ٿي ويو، توهان به ڪيو، 18هين ترميم کان پوءِ صوبا خودمختيار آهن ۽ پنهنجا فيصلا ڪري سگهن ٿا پر جيڪڏهن منهنجي ڳالهه ٻڌي وڃي ها ته آئون ڪڏهن به لاڪ ڊائون نه ڪيان ها جيڪو مون ڪيو.

هن چيو ته آئون پوءِ به ڪوشش ڪندو رهنيس ته اسان جي ڪنسٽرڪشن هلندي رهي، اسان جا ننڍا دڪان، ڪيبن وارا هلندا رهن ها پر ڇو ته اسان يورپ کي ڏسي رهيا هئاسين ته اُتي به جڏهن ماڻهن يورپ کي ڏسي لاڪ ڊائون ڪيو ته هتي به شروع ٿي ويا.

وزير اعظم چيو ته شڪر آهي اسان دٻاءَ کي برداشت ڪيو ۽ ايس او پيز سان دڪان وغيره کولندا رهيا ۽ هاڻ دنيا مڃي ورتو آهي ته ڪورونا جو مقابلو ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ۽ اُهو اسمارٽ لاڪ ڊائون آهي.

هن چيو ته اسان پهريان هئاسين جن اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو، اسان منجهيل نه هئاسين پر منجهيل اُهي هئا جيڪي ڪڏهن پاڪستان جي غريب علائقن ۾ ناهن ويا، جيڪي ماڻهو چئي رهيا هئا ته لاڪ ڊائون ڪيو اُهي ڪڏهن غريبن جي ڪچين وسندين ۾ ناهن ويا.

هن وڌيڪ چيو ته مون ڪڏهن چيو ته ڪرسي مضبوط آهي، اڄ آهي سڀاڻي ناهي.

سندس چوڻ هو ته ٻيو اِهو ته جيڪڏهن مائنس ٿي به ويو ته پٺيان ايندڙ انهن کي نه ڇڏيندا.

نويد قمر ۽ علي زيدي آمهون سامهون:

ان کان اڳ قومي اسميبلي ۾ اجلاس دوران حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ هنگامو ٿيو آهي ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي ۽ پيپلز پارٽي جو نويد قمر آمهون ساميهون اچي ويا.

 علي زيدي تقرير شروع ڪئي ته سپمينٽري گرانڊس جي ايجنڊا تي ڳالهيون ڪرڻ بدران پيپلز پارٽي جي قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو.

علي زيدي ايوان ۾ عذير بلوچ جي حوالي سان جي آءِ ٽي جي رپورٽ کڻي آيا هو ۽ هن هڪ هڪ فرد جو نالو کڻي ٻڌايو ته ان ۾ ڪير ڪير ملوث هو.

ان موقعي تي پيپلز پارٽي جا ڪجهه ميمبر ڪاوڙجي پيا پر نويد قمر انهن کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي تلقين ڪري رهيا هئا ۽ انهيءَ ڪري اسپيڪر هن کي چيو توهان ڳالهه ڪيو.

نويد قمر جو چوڻ هو ته اِهو رويو مناسب ناهي ۽ جيڪڏهن عبدالقادر پٽيل جو نالو ورتو آهي اُهو ئي ان جي وضاحت ڪندا ڪنداسين.

قومي اسيمبلي ۾ پورٽس اينڊ شپنگ جي وزير علي زيدي جي رويي جي مذمت ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نويد قمر چيو ته هي جيڪو منسٽر آف پورٽس اينڊ شپنگ جو رويو رهيو آهي ته ڇا هن هائوس جي عزت وڌائي رهيو آهي.

ان موقعي تي حڪومتي بيچن تي هنن جي ڳالهه ٻولهه دوران مداخلت ڪئي وئي ته نويد قمر چيو ته ٺيڪ آهي ڀاءِ، پوءِ وڙهون ٿا، آئون  به ڪوٽ لاهيان ٿو، ته اچو ته وڙهون ٿا.

ان موقعي تي مخالف ڌر ميمبر پنهنجي بينچن تي بيهي رهيا ۽ سخت احتجاج ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.