گمبٽ ۽ پڊعيدن ۾ به پ پ شهيد ڀٽو پاران سنڌ حڪومت خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
گمبٽ ۽ پڊعيدن ۾ به پ پ شهيد ڀٽو پاران سنڌ حڪومت خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽگمبٽ ۽ پڊعيدن ۾ به پ پ شهيد ڀٽو پاران سنڌ حڪومت خلاف احتجاج

گمبٽ ۽ پڊعيدن ۾ به پ پ شهيد ڀٽو پاران سنڌ حڪومت جي فيصلي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

گمبٽ ۾ مخدوم شفيق احمد، ضمير سولنگي، وڏيرو منير احمد کهڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

پڊعيدن ۾ سچل راڄپر، ساجد، امداد مغل ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت شهيد مير مرتضي جي قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي ترقيون ڏئي انعام سان نوازي پئي.

هنن چيو ته پوليس ٽريننگ سينٽر تي شاھد حيات جو نالو رکڻ ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو.

اڳواڻن چيو ته فيصلو ظاهر ٿو ڪري ته زرداري ليگ ۽ حڪومت ڀٽو دشمن پاليسي تي عمل ڪري رهيا آھن.

پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن چتاءُ ڏنو ته سينٽر جو نالو تبديل ڪرڻ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.