قاضي احمد: آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف مائنر اندر بيهي احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
قاضي احمد: آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف مائنر اندر بيهي احتجاج
عوامي آواز رپورٽ قاضي احمد: آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف مائنر اندر بيهي احتجاج

قاضي احمد ويجهو آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف مائنر اندر بيهي احتجاج ڪيو ويو.

آبادگارن واجد راهو، مٺل اوٺو، رضا محمد راهو چيو ته لندڪي مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پھتو آھي، هو احتجاج ڪري ٿڪجي پيا آهن.

هنن چيو ته آبپاشي عملدار پاڻي وڪرو ڪن پيا، داروغا لکين رپيا وصول ڪري نوليون ۽ ونجھيون ٻيهر هڻي ڏين پيا.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته لنڊڪي مائينر جي پڇڙي تائين پاڻي پهچائي آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري سندن ٻچن تي رحم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.