تلهار ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
بدين ۽ تلهار ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ بدين ۽ تلهار ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج

بدين ۽ تلهار ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج ڪيو ويو.

بدين ۾ شاھنواز سيال، انور علي کوسو، غلام قادر مراداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

تلھار ۾ راجا ٿيٻو، شوڪت عمراڻي، حاجي شريف سمون ۽ ٻين پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري مظاھرو ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته سنڌ يتيم خانو نه آھي جو برمي، بنگالي، افغان ۽ ٻيا آباد ٿي سنڌ جي حقن تي داڙو هڻندا.

هنن چيو ته ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ کين سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، جنهن کي ڪنهن صورت قبول نه ڪيو ويندو.

اڳواڻن چيو ته جيستائين ڌارين کي نيڪالي نه ڏني ويندي سندن احتجاج جاري رهندو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.