مٺياڻي: ڀرٽ برادري ۾ جھيڙو، ٻه ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا

عوامي آواز رپورٽ
مٺياڻي: ڀرٽ برادري ۾ جھيڙو، ٻه ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا
عوامي آواز رپورٽ مٺياڻي: ڀرٽ برادري ۾ جھيڙو، ٻه ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا

مٺياڻي ويجهو ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا.

ڳوٺ ڀورٽي ۾ ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان  جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪٻي مٿان گوليون هلايون ويون.

فائرنگ جي نتيجي م جاويد ۽ صادق ڀرٽ حياتيون وڃائي ويٺا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس پھچي ڳوٺ کي ڪڙو چارهي وڌيڪ جاني نقصان کان بچائي ورتو.

ايمبولنس نه ملڻ سبب لاش ٽريڪٽر ٽرالي ۾ کڻائي نوشھرو فيروز روانا ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.