شهداد ڪوٽ، بدين ۽ ڳڙهي خيري ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
شهداد ڪوٽ، بدين ۽ ڳڙهي خيري ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران احتجاج
عوامي آواز رپورٽ شهداد ڪوٽ، بدين ۽ ڳڙهي خيري ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران احتجاج

شهداد ڪوٽ، بدين ۽ ڳڙهي خيري ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتل جي نالي تي سينٽر جو نالو رکڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

شهدادڪوٽ ۾ منير بروھي ۽ وزيرعلي کوسو جي اڳواڻي ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شھيد ڀٽو آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو.

بدين ۾ ارباب رسول بخش، محمد امين سومرو، بابو انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

ڳڙھي خيري ۾  محمد نواز عمراڻي، محمد عارف، جاويد لغاري،  محمد پناهه جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هو سنڌ حڪومت طرفان شھيد مرتضي ڀٽو جي قاتل جو نالو سعيد آباد پوليس ٽرينگ سينٽر تي رکڻ واري فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هنن چيو ته پوليس ٽرينگ تي اڳوڻي آءِ جي شاھد حيات جو نالو رکڻ ڀٽو خاندان سان ويساھ گھاتي آهي.

اڳواڻ مطالبو ڪيو ته پوليس ٽريننگ سينٽر تان قاتل شاھد حيات جو نالو ھٽايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي…………

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.