پ پ مان شڪايت آهي، هو اسان جي ڪمن ۾ رڪاوٽ آهن: حاجي خان مهر

ڏھرڪي/ ماٿيلو ( نمائندن وٽان ) گهوٽڪي ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر جا مختلف يوسين ۾ دورا آر او پلانٽ سميت 23 اسڪيمن جي افتتاح ڪيو، ڳوٺ ڪيھر، ستابو مھر، ڳوٺ رمضان مھر، ڳوٺ الله وسايو مھر، ڳوٺ فقير غلام قادر پنھيار،  ڳوٺ جيئد خان مھر ۾ افتتاح ڪيا، ان موقعي تي حاجي خان مهر چيو ته جنھن ڳوٺن ۾ اسان پاڻي جا آور پلانٽ ڏنا آھن، ھن ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي خراب ھجڻ سبب ڳوٺاڻا بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا هئا، ڳوٺاڻن جي اھڙي درخواست تي صاف پاڻي جا آر او پلانٽ ھڻائي ڏنا آھن، جنھن جو مون اڄ افتتاح ڪندي خوشي محسوس ڪريان ٿو آر او پلانٽ جو فائدو ڳوٺاڻن کي نه پر پوري علائقي جي ماڻهن کي ٿيو آھي، جنھن کان پوءِ  اسين آرو پلانٽ سميت 23 اسڪيمن جو افتتاح ڪيوسين،  ان وڌيڪ چيو ته مون کي پ پ مان شڪايت آھي ھو اسان جي ڪم ۾ رکاوٽون وجھن پيا ان جي باوجود به اسان عوام جي خدمت ڪيون پيا ، ضلعي چيئرمين  حاجي مير خان ۽ امداد خان جي مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ھزار خان مھر، لال خان مھر ،مير خان مھر، امداد خان مھر ۽ ٻيا اتحادي پڻ گڏ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.