قمبر ۾ پيرسن جو پٽ ۽ ناٺي خلاف احتجاج

قمبر (ڊ ر) قمبر جي امام بارگاهه محلي جي پيرسن علي نواز مگسي پنهنجي وڏي پٽ   ۽ ناٺي   خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي پيرسن دانهيندي ٻڌايو ته سندس وڏو پٽ  نافرمان ٿي ويو آهي کيس 30سال اڳ زمين ۽ مليڪت مان حصو ڏنو هيم غلط صحبت ڪري هو پنهنجي مليڪت وڃائي ٻيهر مون کان مليڪت مان حصو گهري پيو، جڏهن ته ملڪيت نه ڏيڻ تان مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي پيو، هن چيو ته پوليس ۾ بار بار شڪايتون ڪيون اٿم پر پوليس کيس گرفتار ڪرڻ بدران کائنس رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.