بوزدار وڏا ۾ نوجوان جو ٻارڙن سميت وڏي ڀاءُ خلاف احتجاج

بوزداروڏا (ن ع آ)بوزداروڏا ۾ پورهيت نوجوان جهنور لال جو پنهنجن معصوم نياڻين ۽ پٽن سميت پنهنجي وڏي ڀاء هيرا نند پاران اباڻي ملڪيت مان حصو نه ڏيڻ خلاف پريس ڪلب بوزداروڏا پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ان موقعي تي متاثر شخص جهنور لال ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو وڏو ڀاء پروفيسر هيرا نند مونکي پنهنجي اباڻي ملڪيت مان حصو نه ڏئي رهيو آهي ۽ بار بار گهرڻ تي هو ۽ هن جا پٽ مونکي ۽ منهنجن ٻچڙن کي ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيا آهن آء غريب مسڪين پورهيت موچي آهيان چپلون ڳنڍي پنهنجو ۽ ٻچن جو گذر سفر ڪندو آهي اسان جي ڪو ٻڌڻ وارو ناهي منهنجي ڀاء جا وڏا وسطا آهن اهو بااثر آهي هن وڌيڪ وزيراعلئ سنڌ ,  آء جي سنڌ , ڊي آء جي سکر , ۽ ايس ايس پي خيرپور کان معاملي جو نوٽيس وٺي مونکي پنهنجي اباڻي ملڪيت مان حصو ڏياريو وڃي ته جيئن پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪري سگهان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.