قبرستان بچايو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

جوھي (ن ع آ)جوھي ۾ هڪ ڏينھن اڳ صبح جو احسان فقير قبرستان ۾ ھڪ معصوم ٻار کي رولو ڪتا قبر مان کوٽي ڪڍي کائي ويا ھئا انھي سلسلي ۾ ڪالهه جوھي شھر جي مختلف سياسي سماجي مذھبي ۽ شھري تنظيمن جي اڳواڻن امجد کوکر، زاهد باهوٽو،  ڪامريڊ امين لغاري، پرويز باھوٽو ۽ بلاول پنھور  سميت ٻين احسان فقير قبرستان ۾ ميڊيا آڏو شھر جي چونڊيل نمائندن خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو ته چونڊيل نمائندن جي نااھلي سبب  جوھي شھر تباه برباد ٿي ويو آھي ھنن چيو ته ميونسپل ڪميٽي جوھي جي نااھلي ۽ ڪرپشن جي ڪري  شھر جا تاريخي قبرستان به ويران ٿي ويا آھن قبرستانن ۾ گندگي گندو پاڻي ھجڻ ڪري رولو ڪتن ديرا ڄمائي ڇڏيا آھن ھنن چيو ته ميونسپل ڪميٽي جوھي جي ملي ڀڳت سان قبرستانن تي بااثر ماڻھن قبضا ڪري ڇڏيا آھن ۽ شھر جي تاريخي قبرستانن جي چوديواري لاءِ منظور ٿيل 40 لک رپيا ھڙپ ڪيا ويا آھن ھنن چيو ته پيئڻ جو پاڻي زرعي پاڻي بجلي گئس بند ڪري اسان زنده ماڻھن جو جيئڻ ته جنجال ڪيو ويو آھي پر ھاڻي اسان جا فوت ٿي ويل پيارا به محفوظ ناھن رھيا ھنن چيو ته گذريل ڏينھن پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي کانپوءِ ڪو به چونڊيل نمائندو  ھتي لڙي نه آيو آھي هنن چيو ته ميونسپل ڪاميٽي جوهي ۾ چار سئو کان مٿي ملازم ڪم ڪري رهيا آھن مگر جوهي ۾,ڪيترا قبرستان هوندا جو انهن کان مسئلا حل نٿا ٿي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.