سامونڊي حدن تي وڏيرا قبضو ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن:محمد علي شاهه

ٺٽو (ڊ ر) پاڪستان فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه ضلعي ٺٽي جي ٻهارا واري علائقي ۾ ماهيگير نوجوان کي تذليل جو نشانو بنائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي بااثرن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي آهي. ٻهارا جي ساحلي پٽي ۾ نوجوان نصير دٻلو پاران علائقي جي بااثرن کي سندن من پسند قيمت تي مڇي وڪرو نه ڪرڻ تي سندس ڏاڙهي، مڇون، مٿي جا وار ۽ ڀرون ڪوڙي سخت تذليل جو نشانو بڻايو ويو، هن نوجوان نصير دٻلو سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته  پاڪستان فشرفوڪ فورم ان معاملي ۾ ساڻس گڏ آهي ۽ ان زيادتي کي ڪنهن به ريت برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سمنڊ ماهيگيرن جو آهي ۽ ماهيگيرن کان زبردستي سان مڇي وٺڻ جو اختيار ڪنهن وٽ به نه آهي، اهو ظلم برداشت نه ڪيو ويندو، محمد علي شاهه  چيو ته   سامونڊي حدن تي وڏيرا پنهنجو قبضي ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر ڏاڍائي برداشت نه ڪئي ويندي، هن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي تذليل ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.