هاءِ ويز کاتي جي انجنيئر فتح محمد سنائي ۽ ٻين خلاف پٽيشن داخل

دادو (ڊ ر)دادو جي پراونشنل هاءِ ويز کاتي جي انجنيئر فتح محمد سنائي ۽ ٽينڊر ڪلارڪ حفيظ ميمڻ جي خلاف ٺيڪيدارن فاروق احمد ملڪ ۽ جاويد سولنگي پاران ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ورتي، ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر پراونشنل ھاءِ ويز کاتي جي انجنيئر فتح محمد سنائي  ٽينڊر ڪلارڪ حفيظ ميمڻ کي نوٽيس جاري ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن چامشورو وٽ رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جا حڪم جاري ڪيا آھن، اينٽي ڪرپشن پاران جاري ڪيل ليٽر ۾ انجنيئر فتح محمد سنائي ۽ ٽينڊر ڪلارڪ حفيظ ميمڻ کي 9 جولائي تي اينتي ڪرپشن ڄامشورو آفيس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن وٽ رڪارڊ سميت پاڻ پيش ٿيڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آھن، اينٽي ڪرپشن پاران ليٽر جاري ٿيڻ بعد ڪامورن پاڻ بچائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.