لاڙڪاڻي ۾ ناري جي اغوا خلاف وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ بُٺُ جي رهواسين مبينا اغوا ٿي ويل ناري سنڌو پنهور جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ناري سنڌو پنهور جي پورهيت پيءُ محمد اسماعيل پنهور پنهنجي ڀاڻيجي شمائله، پٽ وسيم عرف راجا، ڀائرن عبدالرحيم ۽ سڪندر علي پنهور سان گڏجي صحافين آڏو دانهيو ته 20 سال اڳ منهنجي شادي سڳيون شهر جي منگي محلا واسڻ ڪلثوم خاتون منگي سان ڏي وٺ عيوض ٿي ۽ عيوضي ۾ ٽي سال اڳ منهنجي ڀاڻيجي شمائلا جي شادي امانت منگي سان ٿي هئي، مون کي پنهنجي گهر واري ٽن پٽن راجا عرف وسيم، راشد ۽ نعيم جي اولاد آهي، منهنجي نوجوان ڌيءُ سنڌو سڳيون شهر جي خانگي اسڪول ۾ 6 هين ڪلاس ۾ پڙهندي آهي. هن الزام لڳايو ته ٻه مهينا اڳ 5 اپريل جي ڏينهن گهر واري جي مائٽ وڏيري نزاڪت، سندس پٽن امانت منگي ۽ فقير حسين بخش، فقير نور محمد منگي هٿيارن سان ڌيءُ سنڌو کي اغوا ڪرڻ بعد پنهنجي بنگلي ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ پوليس بااثر وڏيري جي وانگار وهندي ڪيس داخل نه ڪيو جنهن ڪري منهنجي ڌيءُ ٻن مهينن کان قيد ۾ آهي. آءِ جي سنڌ ڌيءُ کي بازياب ڪرائي بااثر وڏيري ۽ سندس پٽن خلاف ڪارروائي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.