لاڙڪاڻي ۾ عورت جو مالي سهائتا ۽ راشن نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ سعدو ديرو جي رهواسڻ پيرسن عورت اميد خاتون زال رستم علي سپڙو مالي سهائتا ۽ راشن لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون، مونکي 3 پٽن جي اولاد آهي، جيڪي الڳ رهندا آهن، اسان زال مڙس الڳ رهندا آهيون، منهنجو مڙس رستم علي سپڙو مزدوري ڪندو هو جيڪو گذريل ٻن سالن کان وٺي گهر ۾ بيماري ٿيڻ کان پوءِ محنت مزدوري به نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته مڙس جي بيماري کان بعد اسين بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون پر هن قوت تائين ڪنهن به مالي سهائتا ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن وٽان راشن مليو آهي. هن چيو ته منهنجي مڙس جي نالي تي احساس ڪفالت پروگرام جي وظيفي جي رقم 12 هزار روپين جو ميسيج موبائيل تي آيو پر سينٽر عملو فنگر پرينٽس ميچ نه ٿيڻ جو سبب ڄاڻائي پيسا نه پيو ڏي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. مستحق عورت سرندي وارن سميت احساس ڪفالت پروگرام جي لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي پيسا ڏيارڻ سميت راشن پڻ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.