بڊاڻي ۾ قلم ڌڻين جو صحافي جي گهر جي بجلي ڪاٽڻ خلاف احتجاج

بڊاڻي (ن ع آ) ايس ڊي او سيپڪو  پاران  ڪشمور جي صحافي  ڪرپال ڪيسواڻي جي گهر جي بجلي ڪاٽڻ ۽ کيس مختلف طريقن سان حراسان ڪرڻ خلاف صحافين پاران بخشاپور ۽ بڊاڻي شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي   پريس ڪلب جي صدر نياز احمد ڀٽو، محمد علي مڙل، عبدالله ڀٽو، ڄام راشد چاچڙ، قربان علي ڀٽو، صدام حسين ڀٽو، محمد اسماعيل ڀٽو  ۽ ٻين صحافين جو چوڻ هو ته سيپڪو ڪشمور جو ايس ڊي او  جي زيادتين جون خبرون هلائڻ  تان  مڇرجي ڪشمور جي   صحافي  ڪرپال ڪيسواڻي   جي گهر جي ليگل طور لڳل ميٽر تي هلندڙ بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي صحافي سان انصاف ڪيو وڃي.

ميهڙ ۾ پ پ اڳواڻ طرفان نئين مقرر ٿيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو

ميھڙ (ت ر)پ پ اڳواڻ امير علي سھول پنھنجي رھائش گاه تي نئي مقرر ٿيل  تعلقي ء سٽي جي عھديدارن جي مان ۾ آجياڻو ڏئي دعوت ڪئي .تقريب ۾ پ پ سٽي ميھڙ جو جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ رياض حسين ڏيرو، انفارميشن سيڪريٽري ايم ڊي منير لاشاري، پ پ تعلقي ميهڙ جو سينيئر نائب صدر سردار بابر خان سھول، نائب صدر نويد علي مھيسر ۽ نائب صدر معشوق علي سومرو کي عھدا ملڻ تي پ پ اڳواڻ امير علي سھول سڀني عھديدارن ۽ آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي اجرڪ اوڍائي مبارڪون ڏنيون.ان موقعي تي خاص مھمان اڳوڻو تعلقي صدر سردار اعجاز خان سھول، عزازي مھمان اڳوڻو صدر سٽي جميل احمد مھيسر، ايڊووڪيٽ امجد حسين ٻلھڙو، پ پ يوٿ ونگ اڳواڻ پرويز علي پنھور ھئا.  پ پ ورڪرن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مقرر ٿيل عھديدارن خطاب ڪندي چيو ته اسان تنظيم کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون تعلقيءَ سٽي جا عھديدار گڏجي ڪم ڪنداسين.

گپچاڻي ڀرسان پ پ اڳواڻ جو سئوٽ ڪاري ڪامڻ وگهي فوت

گپچاڻي (ن ع آ) گپچاڻي ڀرسان ڳوٺ علي بخش کوکر جو رهواسي پ پ گپچاڻي جي صدر سجاد کوکر جو سوٽ  25 سالا نوجوان عبدالجبار پٽ محمد ابراهيم کوکر ڪاري ڪامڻ سبب نواب شاھ جي پي ايم يو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو نوجوان جو لاش سندس اباڻي  ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو.

سوڀيديري ۾ بدامني وڌي وئي، چوريون ۽ ڦر معمول بڻيل

سوڀو ديرو (ن ع آ)سوڀوديرو ٿاڻي تي ايس ايڇ او محمد ھاشم جيھو جي مقرر ٿيڻ بعد ڏوھارين رڻ ٻاري ڏنو چورين ۽ ڦرن جي واقعن ۾ واڌ اچي وئي ڳوٺ قاضي ڀٽا مان نامعلوم ھٿياربند چورن غلام قاسم ڀٽو جي گھر ۾ کاٽ ھڻي ھڪ لک اسي ھزار روڪ اڍائي تولا سون ۽ پنج ليڊيز وڳا چورائي ويا ۔ سوڀوديرو لڳ نولکي ڀرسان نامعلوم ھٿياربند فورن اسد ڪمبوه کان موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا ۔ سوڀوديرو لڳ ڳوٺ سونو سامٽيو مان ذولفقار جھنڊيل جي گھر مان نامعلوم چور سونا ليلم ويھ ھزار روڪ ۽ وڳا چورائي ويا سوڀوديرو شھر جي سھتا محلي مان نامعلوم چور چوري ڪري ويا ۔ سوڀوديرو ٿاڻي جي ڪجھ اھلڪارن جيڪي ايس ايڇ او جا خاص ماڻھو سڏرائي  منشيات فروشرن سان ڳٺ جوڙ ڪري منٿلي مقرر ڪري ڇڏي سوڀوديرو ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙن ڏوھي وارڌاتن سبب عوام پريشان رھواسين ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته چورين ۽ ڦرن جو نوٽيس ورتو وڃي.

ڊرٻ ميهر شاهه ۾ بدامني وڌي وئي، چور پورهيت جو گهر ٻهاري فرار

ڊرٻ ميهر شاھه (ن ع آ)گذريل رات اڻڄاتل جوابدار ڳوٺ ڄام خان جتوئي ۾ ڳوٺاڻي معشوق علي جتوئي جي گهر ۾ داخل ٿي 20 هزار روڪ رقم ڏيڍ تولو سون ۽ گهريلو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن پاران کوجي ڪتن جي مدد سان جوابدارن جا پيرا کنيا ويا ان موقعي تي کوجي ڪتا ڳوٺ ڀرسان هڪ مقامي هوٽل تي ويهي رهيا چوري متاثر ڳوٺاڻي کوجي ڪتن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هوٽل مالڪ انتهائي شريف هجڻ سان گڏ ٿيل چوري ۾ ملوث نه آھن .ٽنڊومستي پوليس پاران واقعي واري هنڌ پهچي متاثر ڳوٺاڻي کان تفصيل وٺي نامعلوم جوابدارن خلاف چوري جي اين سي داخل ڪئي وئي آھي.

بهارو ڀرسان گلوسيال ۾ سپر ليگ سيزن 3 جو دنگ پڄاڻي تي پهتو، ڪنڀر اليون جي سوڀ

بهارو (رپورٽ جاويد پنهور) بهاري ڀرسان گلوسيال ۾ گلوسيال سپر ليگ سيزن 3 جو دنگل پڄاڻي تي پهتو، ٽوٽل 10 ٽيمن حصو ورتو جنهن مان رپڙي اليون ۽ لعل ڪنڀر اليون فائينل ميچ کيڏيو ويو، رپڙي اليون ٽاس کٽي ڪنڀر اليون کي پھريان بيٽنگ جي دعوت ڏني، لعل ڪنڀر اليون مقرر 10 اوورن ۾ 6وڪيٽن جي نقصان تي صرف 99 رنز اسڪور ڪري سگهي ۽ رپڙي اليون کي کٽڻ لاءِ 100 رنز جو حدف ڏنو، رپڙي اليون صرف 75 رنز اسڪور سگهي اھڙي ريت ڪنڀر اليون ھي فيصلائتو ميچ کٽي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو، ميچ جو مين آف دي ميچ ايوارڊ اسدالله ڪنڀر کي ڏنو ويو جنهن 3 اورن ۾ 7اسڪور ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏھن ته مين آف دي ٽورنامينٽ جو ايوارڊ افتخار احمد شاھاڻي کي ڏنو ويو جنهن 6ميچن ۾ 4ففٽين جي مدد سان 280 اسڪور ڪيو، بيسٽ بالر آف دي ٽورنامينٽ جو ايوارڊ منصور احمد شاھاڻي کي ڏنو ويو جنهن 6ميچن ۾ 30 اسڪور ڏئي 12 مخالف آئوٽ ڪيا، بيسٽ ليجنڊ پرفارمنس امام بخش سيال، بيسٽ ڪيچ آف دي ٽورنامينٽ خليل الزمان ڪلھوڙو کي ڏنو ويو، ان موقعي تي مھمان خاص استاد امير علي گلال استاد محمد صادق شاهاڻي، محمد مٺل جاگيراڻي، منير شاھاڻي، ۽ ٻين ونر ٽيم جي ڪپتان آفتاب احمد ڪنڀر ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان جاويد احمد پنهور کي ڪپ ۽ روڪ رقم انعام پڻ ڏنو ويو،ان موقعي تي مھمان خاص ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر گلزمان، خليق الزمان، رفيق احمد، ڪلھوڙو، ۽ عرفان علي سيال کي جس هجي جن علائقي واسين کي تفريح لاءِ اھڙو موقعو فراهم ڪيو، سماجي براين جي روڪٿام ۽ صحت مند معاشري جي پيداوار لاءِ اھڙا ايونٽ ٿيڻ گهرجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.