سکر ۾ واپاري جي قتل خلاف خيرپور واسين جو احتجاج، ڊي آءِ جي نوٽيس ورتو

سکر (رپورٽر) خيرپور جي مشهور واپاري ضمير احمد ڦلپوٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڦلپوٽو برادري جي ماڻهن پاران وڏي تعداد ۾ ڊي آءِ جي آفيس سکر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين جوابدارن جي گرفتاري ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي منير احمد ڦلپوٽو، الهه ورايو، محمد رمضان ۽ ٻين ٻڌايو ته خيرپور جي بااثر سياسي شخصيت جي سرپرستي هيٺ برادري جي وڏيري بلڊر مافيا سان ملي ڪري مشهور واپاري ضمير احمد ڦلپوٽو کي بي رحمي سان قتل ڪيو آهي خيرپور پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي، واپاري ضمير احمد ڦلپوٽو کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، پوليس جوابدار ڌر کان رشوت وٺي اسان کي تنگ ڪري رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. خيرپور واسين جي احتجاج تي ڊي آءِ جي سکر نوٽيس وٺندي پوليس کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سهولتڪارن خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.