افغانين سميت ڌارين کي واپس موڪليو وڃي: اي جي پي

گلشن اقبال (ن ع آ) عوامي جمھوري پارٽي ڪراچي ڊويزن جو اجلاس ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ مير راڄپر , حريف خان چانڊيو,  قادر بروھي, غلام قمبرحاجاڻو,ڊاڪٽر ظفر قادري, ذوالفقار ابڙو, ميانداد چانڊيو, ڪرشن مھيشوري لکي لغاري, ظھور کوسو وڪيل, فرحان عباسي, معشوش پنھنور, ڪشو,  خادم چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اي جي پي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالرحمان رند جي وفات تي ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ ڪرونا وبا سبب فوت ٿيندڙن لاء ڏک جو اظھار ڪيو ويو اجلاس مطالبو ڪيو ت سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون افغان پناھگيرن سميت سڀني غير ملڪين کي پنھنجي ملڪ موڪلڻ جا بندو بست ڪن.سنڌ ۾ ماڪڙ جي سبب ٿيندڙ تباھي کي روڪڻ لاء فوري اپاء ورتا وڃن ۽ ٿيل نقصان جو آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي .سنڌ ۾ ڪامورن جي مدد سان ٻين صوبن جي ماڻھن کي ٺاھي ڏنل ڊوميسائل ۽ انھن جي بنياد تي مليل نوڪريون ختم ڪري سنڌي ماڻھن جي لاء روزگار جا موڪيا فراھم ڪيا وڃن.ارڙھين ترميم خلاف ھلندڙ مھم جي شديد مذمت ڪئي وئي ۽ اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان ڪري سنڌ کي ملڪ جي جي ڊي پي مان جائز حصو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.