اڳڙا هيلٿ سينٽر ۾ ڪتي واري وئڪسين اڻلڀ، احتجاج

راضيديرو(ن ع آ) راضيديرو لڳ اڳڙا جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڪتي جي چڪ جي وئڪسين اڻلڀ ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪتي جي ڏاڙهيل معصوم گلن جهڙي ٻارڙي ريحان علي سيال جي چاچي سهيل احمد سيال  ٻارڙي سميت پريس ڪلب راضيديرو اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو آهي ته معصوم ٻارڙي کي وئڪسين ڪرائڻ لاءِ اڳڙا سينٽر تي کڻي ويس ته ڊاڪٽرن وئڪسين نه هئڻ جو چئي واپس موٽائي ڇڏيو. هن چيو ته  ڪيترائي ڪتي جا ڏاڙهيل ماڻھو بغير وئڪسين ٿيڻ جي واپس ٿي رهيا هئا. هن چيو ته اڳڙا ۾ وئڪسين نه ملڻ سبب ڪيترائي ماڻھو سخت پريشان آهن. هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اڳڙا رولر هيلٿ سينٽر ۾ ڪتي جي چڪ جي وئڪسين بنا دير موڪلي بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.