منهڙي ۾ پورهيت جو پٽ جي ڳولا لاءِ احتجاجي مظاهرو

منهڙو (ن ع آ) منهڙو ڀرسان ڳوٺ محمد ايوب ڪيريو تعلقي موري ضلعو نوشهروفيروز جو رھواسي پورھيت محمد عمر بوزدار منهڙو پريس ڪلب پهتو ھن صحافين کي روئيندي ٻڌايو ته سندس نوجوان پٽ پنجويھ ساله محمد شريف ولد محمد عمر بوزدار ناراض ٿي گهران نڪري ويو آھي جنهن کي چار ڏينهن گذري چڪا آھن اسان سندس ڏاڍي ڳولا ڪئي آھي پر ھن جو ڪو به ڏس پتو نه ملي سگهيو آھي جنهن ڪري سندس گھر جا سمورا ڀاتي سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن ھن ضلعي نوشهروفيروز جي انتظاميا کي اپيل ڪندي گهر ڪئي آھي ته اسان بيوس ۽ بي پهچ غريب مسڪينن جي ضلعي انتظاميا مدد ڪري ۽ نوجوان محمد شريف بوزدار جيڪو چئن ڏينهن کان لاپتا آھي ان کي ھٿ ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.