گهگهر مان کنڀيل مڙس جي آزادي لاءِ زال جو احتجاج

ملير (ڊ.ر) گهگهر مان 8 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل پٺاڻ خان زهراڻي جي زال بشيران زهراڻي ۽ پٽ عرفان زهراڻيملير پريس ڪلب آڏو   احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي سندس زال بشيران زهراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي مڙس کي 8 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهنجو هيستائين ڪوبه پتو نه آهي ته هو ڪٿي آهي، گهر ۾ اڪيلو ڪمائڻ وارو ماڻهو هو سندس گم ٿيڻ کانپوءِ گهر ۾ فاقاڪشي جهڙي صورتحال آهي، هو هڪ پورهيت هو جيڪو گهگهر جي هڪ نجي فيڪٽري ۾ پورهيو ڪندو هو، هن چيو ته منهنجو مڙس گڙدن جو مريض آهي، سندس علاج هلندڙ هو پر کنڀجي وڃڻ کانپوءِ ڪابه خبر نه آهي ته هن جي طبيعت ٺيڪ آهي يا نه سندس گم ٿيڻ کانپوءِ معصوم ٻار پڇن ٿا ته بابا ڪٿي آهي پر مان کين ڪجهه ٻڌائي نٿي سگهان، اسان انتهائي پريشان حال ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، مان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، آرمي چيف آف جنرل جاويد باجوه، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ کي اپيل ٿي ڪريان ته منهنجي مڙس کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.