سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ افغان پناهه گيرن جي واپسيءَ جو سوال

ايڊيٽوريل

افغان-روس جنگ کان وٺي سنڌ ڏانهن افغان پناهگيرن جي آمد جو سلسلو جاري ٿيو ۽ اهو تسلسل وري افغان-آمريڪا جنگ تائين جاري رهيو، ان بعد افغان طالبان جي پاڪستان خلاف ڪاررواين دوران به اهو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته سنڌ ڏانهن ڌارين جي آمد جو سلسلو ڏکڻ وزيرستان ۽ فاٽا جي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف فورسز جي ڪاررواوين دوران به جاري رهيو، مجموعي طور تي انهن جنگين ۽ دهشت گرد ڪاررواين دوران ملڪ جي سمورن صوبن ۾ افغان پناهه گيرن، فاٽا ۽ قبائلي علائقن جي ماڻهن جي لڏپلاڻ جو سلسلو جاري رهيو،لڏپلاڻ جي ان سلسلي جي انتهائي تلخ حقيقت اها آهي ته انهن سمورن پناهه گيرن جو هڪ وڏو انگ سنڌ طرف آيو جن خاص ڪري سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي کي پنهنجو محور ۽ مرڪز بڻايو جنهن ڪري نه رڳو سنڌ جي ڊيموگرافيءَ تي انتهائي منفي اثر پيو آهي، پر ان سان گڏوگڏ سنڌ جي معيشت، امن امان، تهذيب، ثقافت ۽ سماجي وهنوار تي پڻ انتهائي منفي اثر پيا آهن،

ان کان سواءِ افغان پناهه گيرن جي سنڌ ۾ اچڻ ڪري سنڌ پهريون دفعو هيروئن جهڙي موت مار نشي کان وقف ٿي ۽ چرس جو وافر مقدار سنڌ آندو ويو. سنڌ ۾ منشيات جي اهڙي آمد ڪري سنڌ پنهنجي سموري تاريخ جي هڪ بدترين دور ۾ داخل ٿي وئي ۽ لکن جي انگ ۾ ماڻهو هيروئن جي نشي جا عادي ٿيا، جنهن ڪري سنڌ ۾ منشيات جي وڌندڙ وهنوار سماج کي مفلوج ڪري ڇڏيو، ان کان سواءِ هٿيارن جي آمد خاص ڪري ڪلاشنڪوف جي آمد بعد ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ويتر خراب ٿي وئي، افغان پناهگيرن جا آندل انتهائي سولائيءَ سان ۽ سستي اگهه ۾ ماڻهن کي ملندا رهيا جيڪي وري سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن ۾ استعمال ٿيا جن جي نتيجي ۾ هزارن جي انگ ۾ ماڻهو موت جو شڪار ٿي چڪا آهن.

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ جو سلسلو رڳو افغان پناهه گيرن تائين نه ٿو رڪجي پر ان کان اڳتي جيڪڏهن برمان ۾ ئي مسلم ۽ ٻڌ جهڙا ٿين ٿا يا برمان ۾ فوجي راڄ اچي ٿو ته به لکين برمي سنڌ اچي آباد ٿين ٿا، بنگلاديش جي قيام بعد به لکن جي انگ ۾ بنگالي اچي سنڌ ۾ آباد ٿين ٿا، بنگلاديش جي قيام بعد لکن جي انگ ۾ بهاري آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا وڃن ٿا، ان کان سواءِ به وچ ايشيا، ايران ۽ هندستان مان ماڻهن جي آمد جو سلسلو جاري آهي جن جو بار سنڌ مٿان ئي پوندو رهي ٿو، سنڌ ڏانهن ڌارين جي اهڙي لڏ پلاڻ اڃان اتي نه ٿي رڪجي پر اها اڃان اڳتي وڌي پاڪستان جي ٻين صوبن پنجاب، سرائڪي وسيب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان مان پڻ ماڻهن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري هاڻي سنڌ جي ڊيموگرافي مڪمل طور تي تبديل ٿيڻ واري آهي ۽ عين امڪان آهي ته ايندڙ هڪ ڏهاڪي اندر سنڌ اندر سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃن.

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ خلاف سنڌي عوام گذريل پنجاهه سالن کان دانهيندو پيو اچي، گذريل پنجاهه سالن جي سياسي جدوجهد اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته سنڌ ۾ غير قانوني ۽ غير آئيني طور تي جيڪي ڌاريا آباد ڪيا وڃن ٿا انهن کي روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي ته سنڌي عوام  پنجاهه سال اڳ جن خدشن جو اظهار ڪيو هو، اهي درست ثابت ٿي رهيا آهن.

سنڌ پاڪستاني وفاق جو هڪ ايڪو آهي، ۽ پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، جنهن ۾ وفاق جي ذميواري هر ايڪي جي جاگرافيائي، معاشي، سماجي ۽ اقتصادي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، پر شروع ڏينهن کان ائين نه پيو ٿئي، خاص ڪري سنڌ جي حوالي سان ته بلڪل به نه پيو ٿئي. سوال هي آهي ته هي پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، جنهن جو آئين پڻ موجود آهي، آئين جي اهڙي ڪابه شق نه آهي جيڪا ڪنهن به ڌارئي کي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيڻ جو حق ڏئي، ۽ سنڌي عوام ڌارين جي آبادڪاريءَ جي ڪري انتهائي شديد نموني ذهني، معاشي ۽ اقتصادي دٻاءَ ۾ آهن ۽ سنڌي پنهنجي تهذيب ۽ تمندن سان آزاد نموني رهڻ جي حق کان محروم ٿي رهيا آهن.

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي ڪاري خاص ڪري افغان پناهگيرن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ هاڻي احتجاجن جو سلسلو شروع آهي ، ان ڏس ۾ سنڌ سجاڳي فورم پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو هڪ وڏو احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻين ڪيترن ئي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ ڀرپور احتجاج ڪندي چيو ته جڏهن افغان جنگ به بند ٿي وئي آهي، پاڪستان جي ٻين صوبن مان افغان پناهه گيرن کي ڌڪي ڪڍيو ويو آهي، ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته سنڌ مان به انهن کي ڌڪي ڪڍيو وڃي ها پر ان جي ابتڙ پاڪستان جي ٻين صوبن مان انهن کي لڏائي سنڌ ۾ آباد ڪيو پيو وڃي.

اسين سمجهون ٿا ته ملڪ هن وقت انتهائي معاشي، سياسي ۽ سماجي طور تي نازڪ وقت مان گذري رهيو آهي تنهنڪري ضروري آهي ته سنڌ جي ڳالهه کي مان ڏنو وڃي ۽ سنڌ مان افغان پناهگيرن کي نيڪالي ڏئي انهن کي پنهنجي وطن موڪليو وڃي، اهڙي ئي نموني هر ڌارئي کي پنهنجي پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي، اهڙو عرض وفاقي حڪومت کي به آهي ته سنڌ حڪومت کي به، هاڻي اها ڳالهه بنهه ضروري ٿي وئي آهي ته سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ معاشي وسيلن سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.