استعيفى وارو مطالبو، تبديلي سرڪار ۽ مخالف ڌر جو ڪردار

اعجاز احمد ڀيو

تبدلي سرڪار کي اقتدار ۾ ايندي ٻه سال ٿي چڪا آهن ۽ انهيءَ سموري عرصي دوران مخالف ڌر تبديلي سرڪار کي رڳو نااَھل،ڪٺ پتلي، عوام دشمن، غير جمهوري يا وري سليڪٽيڊ حڪومت جهڙا لقب ڏيندي تنقيد ڪنديون رهيون آهن، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان کي ” سليڪٽيڊ“ جي نالي سان سڏي مٿس تنقيد ڪنديون رهيون آهن، جنهن تي پارليامينٽ رد عمل جو اظهار ڪندي اها پابندي لڳائي ڇڏي ته ڪوبه ميمبر پارليامينٽ ۾ وزيراعظم کي سليڪٽيڊ نه چوندو.

تحريڪ انصاف جي حڪومت اڃان تائين اهڙي قسم جو ڪوبه عمل ڪري نه سگهي آهي جنهن مان ثابت ٿي سگهي ته حڪومت ۾ اهليت آهي يا تحريڪ انصاف حڪومت هلائڻ لاءِ اهل آهي، حڪومت جي ناڪامي رڳو هڪ ئي مثال ماڻ ظاهر آهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جي  حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ اها ئي دعوى هُئي ته سندس پارٽيءَ وٽ ٻه سو جي لڳ ڀڳ اقتصادي ماهر آهن، تحريڪ انصاف حڪومت ۾ اچي پنهنجن اقتصادي ماهرن جي مدد سان ملڪ جا سمورا اقتصادي بحران ختم ڪندي، پر جڏهن تحريڪ انصاف حڪومت ۾ آئي ته ان کي وڌ ۾ وڌ ناڪامي ملڪ جي معيشت سڌارڻ واري شعبي ۾ ٿي آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته عمران خان  پنهنجن جن به اقتصادي ماهرن جو حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ ذڪر ڪيو هو، اهي سڀ جو سڀ بدترين نموني ناڪام ٿيا آهن.

تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ڪارڪردگي شروع کان ڪا بهتر نه رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو گذريل سال انتهائي سرديءَ ۽ مينهوڳيءَ جي ڏينهن ۾  جميعت علماءِ اسلام مارچ ڪري اسلام آباد پهتي هُئي ۽ تقريبن هڪ مهيني تائين سخت احتجاج ڪيو هو، جميعت علماءِ اسلام جو رڳو هڪ ئي مطالبو هيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ختم ڪري ملڪ ۾ نيئن سر چونڊيون ڪرايون وڃن، پر تقريبا هڪ مهيني  جي احتجاج بعد سندن سياسي جدوجهد کي تارپيڊو ڪري ختم ڪيو ويو، جمعيت علماءِ اسلام جي قيادت کي اهو يقين ڏياريو ويو ته اوهان احتجاج ختم ڪيو اوهان جا مطالبا پورا ڪيا ويندا، ان بعد جميعت پنهنجي احتجاج کي ضلعي سطح تائين ڪرڻ جو اعلان ڪري پنهنجو مرڪزي احتجاج ختم ڪيو.

تحريڪ انصاف جي وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ ۽ ان کان استعفى جو مطالبو ڪو اڄ جو نه آهي، اهو مطالبو سندس حڪومت ۾ اچن بعد ئي شروع ٿي ويو هو، اسلام آباد ۾  مخالف ڌر جي آل پارٽيز ڪانفرنس پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هُئي، جنهن ۾ پڻ وزيراعظم عمران خان جي برطرفيءَ جو مطالبو ڪيو ويو هو.  وزيراعظم کان استعيفى جو مطالبو اڄ به جاري آهي، تازو ئي متحده مخالف ڌر هڪ پريس ڪانفرنس ڪري وري ان مطالبي کي دهرايو آهي، هن دفعي مخالف ڌر اڳ جي ڀيٽ  ۾ ڪافي واضع ۽ چٽي هُئي، پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کي ملڪ جي تباهيءَ جو ذميوار قرار ڏيندي سندس برطرفيءَ جو مطالبو ڪيو، هُن جو چوڻ هيو ته عمران خان جي ڪري اڳ ملڪ جي معيشت تباهه ٿي آهي پر هاڻي ته ڪورونا جي ڪري ملڪ جي عوام جون زندگيون خطري ۾ آهن، جڏهن ته ملسم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف جو چوڻ هيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ تي بار بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري ضروري آهي ته ان کي هٽائي ملڪ تان بار لاٿو وڃي، گڏيل مخالف ڌر پاران ملسم ليگ ن جي اڳواڻ شهباز شريف جي صحتياب ٿيڻ بعد ملڪ ۾ گڏيل طور تي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو ، گذيل مخالف ڌر جو چوڻ هيو ته وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ لاءِ هر آئيني طريقو استعمال ڪيو ويندو.

ملڪ ۾ مخالف ڌر تحريڪ انصاف جي حڪومت متعلق انتهائي واضع موقف رکي ٿي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جو پنهنجن اتحادين کي چوڻ آهي ته اوهان کي گهٻرائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي جو تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، هُن جو پنهنجن اتحادين متعلق اهو پڻ چوڻ آهي ته اوهان وٽ ٻي ڪا چوائس نه آهي.

ٻئي پاسي اها به حقيقت آهي ته هن وقت ملڪ جي مخالف ڌر سياسي طور مضبوط نه آهي ۽ پردي پويان اها ڪنهن نه ڪنهن طور تي سگهارن ادارن سان لهه وچڙ ۾ آهي جنهن ڪري عمران حڪومت خلاف ڪو به موثر فيصلو ڪري نه ٿي سگهي، هن وقت مخالف اڳ جي ڀيٽ ۾  مضبوط ته آهي پر متحد نه آهي اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر جي ڪنهن به ڳالهه کي سگهارا ادارا ۽ اسٽبلشمينٽ سنجيدگيءَ سان نه ٿي وٺي، سياسي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي اهڙي ڪمزوريءَ ڪري ئي مخالف ڌر پنهنجو اثر وڃائي ٿي ويهي .

سياسي تجزيه ڪارن جو اهو به چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾ هن وقت جي مخالف ڌر جي پارٽين پاڻ به اسٽبلشمينٽ جون جائز ۽ ناجائز ڳالهيون پئي مڃيون آهن جنهن ڪري هاڻي عوام به انهن تي جهڙوڪر اعتبار ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي، جڏهن ته ويچارو ” سليڪٽيڊ، ته اصل کان ئي سگهارن ادارن ۽ اسٽبلشمينٽ جي اشاري تي آهي، جنهن ڪري هاڻي عوام وٽ ان جو پول به کلي پيو آهي، ٻئي طرف ملڪ جو اڪثريتي عوام پڻ ملڪ جي سياست جي اهڙي وهنوار مان انتهائي تنگ اچي ويو آهي جيڪو رڳو سياسي بحران جي صورت ۾ جيئرو رهي ٿو ۽ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي مونجهارن ۽ مسئلن ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿو.

تبديلي سرڪار هاڻي رڳو سگهارين قوتن جي اشاري تي ڦڙندڙ گهرندڙ پارٽين جي  ڏھاڪو  ووٽن تي اَڏيل آھي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن گڏيل مخالف ڌر متحد ۽ سنجيده هُجي ها ته تحريڪ انصاف جي حڪومت وڃڻ ۾ ڪا دير نه لڳي ها، پر ملڪ جي سياست جي بدقسمتي آهي ته اها اسٽبلشمينٽ کان شروع ٿئي ٿي ۽ وري اسٽبلشمينٽ وٽ ئي ختم ٿئي ٿي، تنهنڪري  گذيل مخالف ڌر جي سگهارين قوتن جي هرڌمڪي اکين تي رکي تبديلي سرڪار خلاف صرف بيانبازيءَ جي اجازت ورتي هئي جنهن اجازت ملڻ بعد هو صرف ”استيفيٰ ڏيو“ جهڙي  مطالبن وارا سخت بيان ڏيڻ جي قابل وَڃي رهيون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.