جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو ناءُ جمال ابڙو

صدام جوکيو

جمال ابڙي صاحب ڪي سوين افسانه ڪونه لکيا، نه ئي ڪي سوين ڪتاب لکيا پر هن ڪهاڻيءَ لکڻ جو اهو ڏانءُ، اُهو فن، اُهو رستو ڳولي لڌو جنهن سندس شخصيت کي هڪ الڳ ۽ منفرد ڪهاڻيڪار جي حيثيت ڏني ۽ سندس شمار جديد سنڌي ادب ۽ ترقي پسند ادب جي وڏن نالن ۾ تسليم ڪيو ويو.

جمال ابڙي صاحب جي ڪهاڻين ۾ ڪمال جي منظرنگاري ٿيل آهي، سندس ٿورين ڪهاڻين ۾ ترقي پسند خيال ڀريا پيا آهن، هو حقيقت پسند ڪهاڻيڪار هو، سندس ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ سان ٺهڪي بيهندڙ ڪردار، ڪردارن جي نفسيات ۽ فطرت سان ٺهڪي بيهندڙ ڊائلاگس ۽ سموريءَ ڪهاڻيءَ کي فضول لفاظيءَ، مبالغي ۽ بي مقصديءَ کان بچائڻ واريون سموريون رونڪو تقريبن موجود آهن. هن ٻهراڙين جي نج سنڌي ماحول ۽ مسئلن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ وڏيءَ ڪاريگريءَ سان پيش ڪيو آهي، سندس اندازِ بيان زندگيءَ جي حقيقي تحرڪ جي تصوير کي بنا ڪنهن وڌاءَ ۽ مصنوعيت جي پيش ڪري ٿو. سچ ته جمال ابڙو صاحب سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان، موڙ ۽ نوان گس ڏيندڙ ليکڪ هو،

سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ جمال ابڙي صاحب جو مقام نهايت منفرد ۽ نرالو آهي ۽ رهندو. اها ئي سندس ڪاميابي آهي، جو سندس ڪهاڻيون ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيون آهن ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهايون وڃن ٿيو. شيخ اياز مطابق ”جمال ابڙو خدا دوست به آهي ته انسان دوست به آهي ۽ ادب دوست به آهي ۽ سندس ٽيئي خاصيتون سندس ڪهاڻين ۾ موجود آهن“. ڊاڪٽر غفور ميمڻ سندس ڪهاڻين جي فڪري پاسي تي ڳالهائيندي لکي ٿو ته ”جمال سنڌ ڌرتي جو اهو ليکڪ آهي، جنهن جي مٽي ۾ انسانيت، امن، پيار، محبت ۽ اميد پرستي آهي. جنهن جو فڪر زندگي پروري آهي. اهو فڪر سنڌ جو فڪر آهي“. غلام رباني آگرو کيس سنڌي افساني جو امام سڏي ٿو ۽ لکي ٿو ته ”جمال کان وڏو افسانه نگار، مون کي نه کانئس اڳ، نه پوءِ سُجھي ٿو. اھو منھنجو ذاتي رايو آھي“.

جمال ابڙي جي افسانه نگاريءَ ۾ جيڪا فڪري ۽ ٻولياتي نواڻ ۽ حسناڪي آهي، ان جا سبب بيان ڪندي، گل محمد عمراڻي لکي ٿو ته ”جمال جي افسانه نگاريءَ ۾ جيڪا حيرت انگيز جديديت فڪري تازگي ۽ لساني نواڻ (Innovation) ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان جو سبب به ٻيو ڪجهه به نه آهي، فقط سندس حساس ۽ باريڪ بين نظر، طبع رسا ۽ فطري انسان دوستي آهي“. جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي انفرادي حيثيت تي ڳالهائيندي شوڪت حسين شورو  لکي ٿو ته ”هن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئون لهجو ۽ نئون ڊڪشن ڏنو. جمال ابڙي جي لکڻ جي پنهنجي هڪ انفرادي اسٽائل هئي. وري اسين هن جي ڪهاڻين جا موضوع ڏسون ته انهن مان اڪثر اڳ ۾ اڻ ڇهيل هئا. آءُ ڀانيان ٿو ته جمال ابڙي صاحب وٽ لکڻ جي ڏات ۽ جيڪو ڏانءُ هو، اهي ٻئي شيون ان دور ۾ ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار کي شايد نصيب ٿيون هجن“. جمال ابڙي جا افسانه ڪيتري قدر اثرائتا، وڻندڙ، پسند پيل ۽ مڃيل آهي، ان جو اندازو ڊاڪٽر سحر امداد جي هن لفظن مان لڳائي سگهجي ٿو ”جمال ابڙو سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن چند ليکڪن مان هڪ آهي، جن مون کي ٽين ايج (teen-age) ۾ سنڌي ادب پڙهڻ تي هر کايو… جمال ابڙي جون ڪهاڻيون پڙهي آءُ چري ٿي پيس. گهر ۾ واندڪائيءَ ۾ هر وقت اهو ڪتاب منهنجي هٿ ۾ هوندو هو“. پشو پاشا جي مهاڳ ۾ سنڌ جو ڏاهو اديب محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته ”جمال جي افسانن ۾ بهرحال زندگي جي مسئلن جي ڇيڙي نبيري جو هڪ عجيب مهر ڀريو اندازموجود ڏسجي ٿو ۽ هڪ ڪامياب افسانه نگار لاءِ هيءَ هڪڙي ڳالهه لک جي برابر آهي ته هن جي دل ۾ زندگيءَ لاءِ محبت ۽ احترام جا جذبا موجود هجن ۽ کيس زندگيءَ ۾ ڀرپور اعتقاد هجي“.

جمال ابڙي پنهنجين ڪهاڻين جي ڪارج ۽ مقصد کي بيان ڪندي پاڻ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ”مون ڪهاڻين ۾ اهو پيغام ڏٺو آهي ته انسان دٻجي نٿو سگهي، جيئن دٻائبو تيئن اهو اڀرندو، مهاڏو اٽڪائيندو آ ۽ نيٺ پنهنجي منزل ماڻيندو آ“، ڪهاڻيءَ ۾ هو، ڪنهن مغربي ڏاهي کان متاثر نه هو، هن ٽيئگور ۽ ٻين اديبن کي پڙهيو ضرور هو پر پاڻ انٽرويو ۾ چيائين ته ”مان شيخ اياز کان تمام گهڻو متاثر آهيان“. جمال ابڙي کي ننڍيءَ وحيءَ کان ئي ادب ۽ ڪهاڻيءَ سان لڳاءُ هو، هن هاءِ اسڪول واري زندگيءَ کان لکڻ جي باقائدي شروعات ڪئي، لاڙڪاڻي جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران هن ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي ۽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران مضمون لکڻ جي شروعات ڪيائين، سندس ڇپجي پڌري ٿيندڙ پهرين ڪهاڻي ”هو حر هو“ هئي، جيڪا هفتيوار ”طوفان“ ۾ شايع ٿي هئي، اهڙي طرح صرف 17 افسانه لکندڙ جمال ابڙو وڏي پايي جي ڪهاڻيڪارن ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي ۽ سندس افسانن جو ڪتاب چئن کان پنج دفعا ڇپجي چڪو آهي.

محترم جمال ابڙي جو پورو نالو جمال الدين ابڙو هو ۽ سندس والد جو نالو محترم علي خان ابڙو هو، جيڪو خود به هڪ علمي شخص هو. جمال ابڙي 2 مئي 1924ع تي ڳوٺ سانگي، تعلقي ميهڙ، ضلعي (ان دور ۾) لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن بنيادي تعليم ڳوٺ منگواڻي تعلقي ميهڙ جي ميونسپل پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، ميئٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين، ڪاليج جي تعليم بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙھ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي هئائين، هن اڳتي هلي ايل. ايل. بي شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو مان ڪئي. سندس تعليمي سفر بابت متفرقه رايا لکيا ويا آهن. پاڻ ملازمت جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي پاسن تي خدمتون سرانجام ڏنائون، پاڻ 10 اپريل 1986ع تي رٽائرمينٽ ورتائين ۽ سندس ملازمت جو ٽوٽل عرصو 34 سال ٻڌايو وڃي ٿو..

محترم جمال ابڙي کي سنڌي ادبي سنگت جي باني ميمبرن مان هڪ تسليم ڪيو وڃي ٿو، هن تاج محمد ابڙي سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي هئي ۽ ان کان علاوه به تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ٻين پورهيت تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو، سياسي لحاظ کان پاڻ خاڪسار تحريڪ سان لاڳاپيل رهيو. پاڻ ڪجهه بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ به شرڪت ڪيائون. سندس ڇپيل ڪتابن جو ڪو وڏ تعداد ناهي پر مقدار کان معيار بهتر آهي، جي مصداق تحت سندس ڪتاب نهايت معياري ۽ مڃيل آهن، سندس ڇپيل ڪتابن جو احوال هن طرح آهي ”پشو پاشا“ (ڪهاڻين جو مجموعو، زندگي پبليڪيشن، 1959ع، ”جمال ابڙو ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت“ (سنڌ ثقافت کاتو 1992)، آتم ڪهاڻي پنجن ڀاڱن ۾ ”ڏسي ڏوهه اکين سين، اونهي ڳالهه اسرار جي، ٿوهر ۾ ڳاڙها گل، ايندو نه وري وڻجارو، مَر پيا مينهن وسن“ وغيره شامل آهن. کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز به حاصل ٿيا جن ۾ حسن ڪارڪردگي جو صدارتي ايوارڊ 1994ع شامل آهي. سندس افسانن ايتري مقبوليت ماڻي جو، ڪيترائي سندس افسانا انگريزي، اردو، روسي ۽ جرمن ٻولين ۾ ترجمو ٿيا ۽ سندس ڪتاب پشوپاشا اڄ ڏينهن سوڌو يونيورسٽين ۾ پڙهايو وڃي ٿو. سنڌ ڌرتيءَ جي هن سچي، بيباڪ ۽ برجستي ليکڪ 30 جون 2004ع تي 80 سالن جي عمر ۾ دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، کيس گذريءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، سندس اولاد ۾ هن سنڌ، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت لاءِ پنهنجو پٽ برک اديب ۽ محقق بدر ابڙو ارپڻ ڪيو، ڪيو جيڪو هن وقت سنڌي ادب لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.