ڪورونا جو علاج صرف احتياط ۽ هڪ فرد جو ڪردار

عابد لاشاري

ڪورونا وائرس وبا هڪ ڦهلجندڙ وبا آهي. جيڪا هڪ انسان مان ٻئي انسان تائين آساني سان منتقل ٿي سگهندي آهي. ڪورونا عالمي وايو منڊل تبديل ڪري ڇڏيو آهي. دنيا جون قداور ۽ طاقتور قومون ڪورونا جي آڏو بيوس نظر آيون. ڪورونا نظر نه ايندڙ جيوڙو انسان جي اندر داخل ٿي ساھ جي نلي، ڦڦڙ ۽ ڳلي تي اثر انداز ٿئي ٿو. ڪورونا موتمار ضرور آهي پر موت جي شرح صرف 2 سيڪڙو آهي. ڪورونا جي علاج لاءِ ڪوششون جاري آهن پر اڃان تائين ڪا خاص ڪاميابي نه ٿي سگھي آهي. اهڙي ڪاميابي جي نويد ٻُڌڻ لاءِ ڪن آتا آهن، دنيا منتظر آهي. ان وقت تائين ڪورونا جو وقتي علاج صرف احتياط آهي. دنيا جو لاڪ ڊائون جي ڪري بند ٿي وڃڻ، مذهبي تهوار نه ٿيڻ، شاديون غميون سادگي سان ٿيڻ، ميلا ملاکڙا نه ٿيڻ، بازارن ۾ رش کي روڪڻ، ۽ ٻيون سرگرميون جنهن ۾ هُجوم جو هجڻ شامل هجي جيئن اسڪول، تربيتي مرڪز، معذورن جا بحالي مرڪز، شادي هال، بيوٽي پالر وغيره تي مڪمل پابندي جو سبب صرف احتياط کي يقيني بڻائڻ آهي.

احتياط مان مراد اڪيلائي ۽ محدود رهڻ آهي. ڪورونا جون علامتون ظاهري طور نظر نه اينديون آهن، ان ڪري ٻين ماڻهن سان ملڻ ڪنهن خطري کان خالي نه هوندو آهي. اسان ان خطري کي سنجيده نٿا وٺون جنهن جي نتيجي ۾ اڪثر ماڻهون ڪورونا جي بيماري جو آساني سان شڪار ٿيندا آهن نه صرف پاڻ پر سڄو خاندان هن موذي مرض جو شڪار ٿيو وڃي. ان خاندان جو معاشري جي ڪاروهنوار ۾ شامل هجڻ ڪورونا کي پوري معاشري ۾ ڦهلجڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هي سڄو عمل آساني سان سائيڪل جي ڦيٿي وانگر ڦرندو رهندو آهي، پر عام ماڻهو ان پوري عمل کان اڻڄاڻ رهندو آهي، اهڙي غفلت جي اگُھور ننڊ ستل هوندو آهي جو مشڪل صورتحال وڌيڪ مشڪل ٿيندي ماڻهو کي سوڙهي بند گھٽي ۾ وڃي سوگھو ڪري ٿي جتان کائنس بچڻ جو ڪو گس به نٿو ملي. دنيا جي غريب ملڪن ۾ صحت جي سهولتن جي اڻهوند ڪنهن کان لڪيل نه آهي.

ويتر اهڙي وبا جنهن  کي روڪڻ لاءِ وينٽيليٽر جون مهانگيون مشينون هجڻ اشد ضروري هونديون آهن، جيڪي عام اسپتالن ۾ هجڻ نا ممڪن آهي. عام غريب ماڻهو جي وڏين سرڪاري اسپتالن يا پرائيويٽ اسپتالن تائين پهچ هڪ خواب مثل آهي. ان لاءِ بهتري ان ۾ آهي ته اسان احتياط کي اپنايون، حڪومتي لاڪ ڊائون پاليسي تي عمل پيرا ٿيڻ ۽ پاڻ کي محدود ڪري محفوظ ڪري سگھون. ڪورونا وبا بابت معلومات به محدود آهي، ڇو جو وبا پڻ تجرباتي مرحلن مان گذري پئي، جنهن ڪري نيون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون، اسان کي گهرجي ته تصديق ٿيل ڳالهين تي عمل پيرا ٿيون، سوشل ميڊيا تي شائع ٿيندڙغير تصديق شده ڳالهين تي ڌيان نه ڏيون. ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن ۽ وفاقي توڙي صوبائي و ضلعي صحت شعبي پاران ڏنل هدايتن تي عمل ڪرڻ گھرجي. نئين ڏنل ڄاڻ مطابق ڪن صورتن ۾ ڪورونا جون علامتون يعني تيزبخار، کنگھه، بُت ۾ سور، گھڻيون نِڇُون اچڻ وغيره شامل آهن جيڪي اڪثر مريضن ۾ علامتون ظاهر نٿيون ٿين جڏهن ته انهن مريضن کي ڪورونا جي بيماري هوندي آهي. اهڙي صورتحال جنهن ۾ بيماري محسوس نه ٿئي، ته ڪو به ماڻهو ڪورونا جي ٽيسٽ نه ڪرائيندو نتيجي ۾ وبا اڃان وڌيڪ ڦهلجندي ويندي.

اسان جو معاشرو غير محتاط معاشرو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ روزاني بنياد تي اسان ڪورونا جي ڦهلجڻ ۾ پنهنجوقليدي ڪردار ادا ڪريون پيا. ان وبا کي روڪڻ صرف حڪومتي فرض ناهي پر معاشرتي فرض ۽ ڪردار پڻ ضروري آهي. معاشري ۾ صرف هڪ فرد پنهنجي خاندان جي ذميواري کڻي ته اسان وبا تي گھڻي ڀاڱي ضابطو آڻي سگھون ٿا. هڪ فرد جو ڪردار دنيا جي تبديل ٿيل وايو منڊل کي ٻيهر بحال ڪري سگھي ٿو، اهي رنگينيون، خوشيون، بهارون، کل ڀوڳ ، ڪچهريون، رونقون بحال ٿي سگهن ٿيون. هڪ فرد جو ڪردار ڇا آهي؟ اهو آهي هڪ فرد جو جذبو، جُستُجُو، اڻٿڪ محنت صِرف پنهنجي گهر تي ضابطو آڻي، جيئن گهر جا ڀاتي اجايو ٻاهر نه نڪرن، مجبوري نڪرڻو پوي ته ماسڪ ضرور پائين، واپسي تي صابڻ سان هٿ ڌوئين، گهر جو هڪ فرد سُودڌو سامان وٺڻ لاءِ مقرر ڪرڻ، ٻاهر جي مهمان جو اچڻ يا مهمان ٿي وڃڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ، گھر ۾ به سماجي فاصلو قائم رکڻ جهڙا مشڪل قدم کڻڻ هڪ فرد جي ذميوارين ۾ شامل آهي. اچو هڪ فرد جو ڪردار ادا ڪري حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏئي منظم قوم جو ثبوت ڏئي ڪورونا وبا کي شڪست ڏيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.