آن لائين ڪلاسز جو حال ۽ مستقبل

واجد حسين بڙدي

دنيا جا سڀئي ڪم هڪ پاسي رکي ڏسون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته سچ پچ، واقعي! پڙهڻ سولو ناهي. پڙهائي لاءِ هڪ بهتر ماحول، تندرست ۽ پرسڪون دماغ گهرجي.

اڄڪلهه سڄي دنيا عالمي وبا جي ڪري پريشان آهي جتي روزمره جي زندگي متاثر ٿي آهي ته اتي تعليم جو نظام به درهم برهم لڳو پيو آهي. اهڙو ئي حال پاڪستان جي تعليم جو آهي جيڪا اڳ ۾ ئي ٻين ملڪن کان ڪافي پوئتي آهي.

مسلسل 4 مهينن کانپوءِ ان مسئلي جو حل "آن لائين ڪلاسز” جي صورت ۾ ڪڍيو ويو جنهن تي شاگردن ڀرپور مذمت ڪئي ۽ سوشل ميڊيا تي گهڻو ڦهلايو ته اسان آن لائين ڪلاس نه وٺنداسين ڇو ته ڳچ شاگردن وٽ سهولتن جي اڻ هوند ۽ ٻيا مسئلا آهن جهڙوڪ سمارٽ موبائيل يا ليپ ٽاپ جو نه هجڻ ۽ انٽرنيٽ جي عدم دستيابي وغيره پر ٿيو ڪجهه به ڪونه. نيٺ ڪلاس به هليا ۽ سُڌ پئي ته اسان جي شاگردن کان وڌيڪ اسان جا استاد پريشان لڳا پيا آهن، کين وڌيڪ مشڪلاتون پيش اچن پيون. ان سان گڏوگڏ نئين دور جي ٽيڪنالاجي جي کين ڪا خاص ڄاڻ به ناهي.

آن لائين ڪلاسز وٺڻ لاءِ اسان کي ڏنل ايپليڪشن (ايم ايس ٽيمس) ائين پئي لڳي جيئن اردو ۾ چوندا آهن "بندر ڪي هاٿ ادرڪ لگي”.

پاڪستان ۾ پهريان ئي سهولتن جي کوٽ ۽ مهانگائي عروج تي آهي. 70 سال گذرڻ باجود ڪي شهر ۽ ڳوٺ اهڙا آهن جتي روڊ، بجلي ۽ گئس جو نالو ئي ناهي اهڙي صورتحال ۾ آن لائين ڪلاس وٺڻ تعليم ۽ شاگردن سان وڏو مذاق آهي. تنهن هوندي به ڪجهه فائدا ضرور ٿيا آهن جيئن آن لائين ميٽنگ ڪيئن اٽينڊ ڪجي ۽ ٺاهي سگهجي، ماسٽرس ۽ ريسرچ ليول تي سپروائيزر سان گروپ ۾ ڪيئن ڳنڍجي رهجي يا جاب انٽرويو. وغيره

حال ۾ ته آن لائين ڪلاس بلڪل ناڪاره لڳن ٿا پر ٿي سگهي ٿو اهو اسان جو پهريون قدم آهي تعليم ۾ جدت ڏانهن ۽ مستقبل ۾ نئون تعليمي رُخ آن لائين ڪلاسز جي صورت ۾ ڏسڻ لاءِ ملي ۽ مستقبل جا ٻار ٿي سگهي ٿو ته اسان کي اهو چون ته توهان يونيورسٽي وڃي ڪلاس وٺندا هئا ۽ اسان گهر ويٺي پڙهون پيا ته آئون مسڪرائي جواب ڏيندس ته آن لائين ڪلاسز جي شروعات اسان کان ٿي جنهن کي اسان گهڻو پسند نه ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.