آن لائن ڪلاسن خلاف مختلف شاگرد تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد (رپورٽر)  سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس سبب آن لائن ڪلاس شروع ڪرڻ سبب پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ مختلف شاگرد تنظيمن پاران ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سنڌي شاگرد اتحاد جي سڏ تي دريا خان چانڊيو، ولهار خان، جئه ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.  جڏهن ته سپاف سميت مختلف يونيورسٽين جي شاگردن پاران عبدالقادرابڙو، مقصود پالاري، حسنين مرزا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن چيو ته تازو سنڌ توڙي وفاقي حڪومت پاران ڪورونا وائرس سبب تعليمي ادارا بند ڪري شاگردن کي گهر ويٺي آن لائن پڙهائڻ واري سلسلي ۾ اڳواٽ ڪابه تياري نه ٿيڻ ڪري شاگرد توڙي استاد مونجهارن جو شڪار آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.